پاڪستان جي انتظام هيٺ گڏيل قومن جي تقريب ۾ انساني مرڪز مصنوعي ذهانت تي زور، عالمي ورهاست ختم ڪرڻ جو مطالبو

گڏيل قومون-16 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ تاجڪستان جي مشنز ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي سهڪار سان گڏيل قومن ۾ منعقد اعليٰ سطح جي تقريب جي مقررن مصنوعي ذهانت جي فائدن تائين برابري ۽ عالمي رسائي يقيني بنائڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته ٽيڪنالاجيءَ کي انساني ترقي ۽ پائيدار ترقيءَ جو ذريعو بڻجڻ گهرجي. ”اي آءِ ۽ پائيدار ترقيءَ جو مستقبل: جدت، شموليت ۽ لچڪ“ جي عنوان هيٺ …

گڏيل قومون-16 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ تاجڪستان جي مشنز ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي سهڪار سان گڏيل قومن ۾ منعقد اعليٰ سطح جي تقريب جي مقررن مصنوعي ذهانت جي فائدن تائين برابري ۽ عالمي رسائي يقيني بنائڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته ٽيڪنالاجيءَ کي انساني ترقي ۽ پائيدار ترقيءَ جو ذريعو بڻجڻ گهرجي. ”اي آءِ ۽ پائيدار ترقيءَ جو مستقبل: جدت، شموليت ۽ لچڪ“ جي عنوان هيٺ رٿيل تقريب ۾ سفارتڪارن، گڏيل قومن جي عملدارن، مصنوعي ذهانت ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ماهرن، تعليمي ماهرن، شاگردن ۽ نوجوانن جي نمائندن شرڪت ڪئي. مقررن چيو ته مصنوعي ذهانت اُسرندڙ ملڪن لاءِ وسيع موقعا فراهم ڪري ٿي، جڏهن ته ڊجيٽل انفراسٽرڪچر، مالي وسيلن، ڊيٽا جي صلاحيت ۽ تربيت يافته انساني وسيلن جي کوٽ سبب ان ملڪن ۾ پهرين کان موجود اڻبرابري وڌيڪ وڌڻ جو خطرو آهي. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان پنهنجي اهم خطاب ۾ چيو ته جيڪڏهن ٽيڪنالاجي، بنيادي ڍانچي، مهارتن، مالي وسيلن ۽ ڊيٽا تائين رسائي ڪجهه ملڪن ۽ طبقن تائين محدود رهي ته مصنوعي ذهانت ان ئي وڇوٽين کي وڌيڪ وڌائي سگهي ٿي جن کي پائيدار ترقيءَ جي ايجنڊا کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته مصنوعي ذهانت موقعن تائين رسائي جو پُل بڻجي، ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ نه. تاجڪستان جي اقتصادي ترقي ۽ واپار واري وزير عبدالرحمان زاده پڻ مصنوعي ذهانت جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ڊجيٽل ورهاست ختم ڪرڻ لاءِ برابريءَ واري رسائي، سگهه ۾ واڌ ۽ عالمي تعاون اڻٽر آهي. هن ٻُڌايو ته تاجڪستان 2040ع تائين جي قومي مصنوعي ذهانت حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، جڏهن ته 2025ع کان 2030ع تائين ڊجيٽل معيشت ۽ جدت کي هٿي ڏيڻ جو سال قرار ڏنو ويو آهي. هن خطي ۾ مصنوعي ذهانت جي وڌندڙ علائقائي مرڪز ”آءِ ٽي هب دوشنبي“ جي قيام جو پڻ ذڪر ڪيو. تقريب ۾ گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) جي اي آءِ ٽرسٽ اينڊ سيفٽي ماهر جينيفر لوئي، گوگڪل اي آءِ گوٽو مارڪيٽ ليڊ هاشم سيد ۽ يوٿ ڊيليگيٽ بسمه قمر سميت ٻين ماهرن پينل ۾ حصو ورتو. رانا مشهود احمد پاڪستان طرفان نوجوانن کي مصنوعي ذهانت تي ٻَڌل معيشت تيار ڪرڻ لاءِ قدمن تي روشني وجهندي چيو ته حڪومت مالي سال 27-2026ع لاءِ وزيراعظم يوٿ پروگرام لاءِ 40 ارب 58 ڪروڙ رپيا رکيا آهن. هن ٻُڌايو ته هن وقت تائين 6 لکن کان وڌيڪ ليپ ٽاپ ورهايا ويا آهن، 73 هزار نوجوانن کي مصنوعي ذهانت، بلاڪ چين ۽ ڊيٽا سائنس جي تربيت ڏني وئي آهي، جڏهن ته 8 هزار ڪورسز ذريعي 2 لک 17 هزار کان وڌيڪ فني مهارتن جا وظيفا فراهم ڪيا ويا آهن. هن ڊجيٽل يوٿ هب جي ڪاميابيءَ جو ذڪر ڪندي چيو ته ان پليٽ فارم تي 8 لک 4 هزار کان وڌيڪ صارفين رجسٽرڊ آهن، جتي هڪ لک 14 هزار روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ويا ۽ 3180 کان وڌيڪ ادارن سان حصيداري قائم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي قومي مصنوعي ذهانت پاليسيءَ جو مصد 2030ع تائين 10 لک اي آءِ ماهر تيار ڪرڻ آهي ته جيئن ملڪ ۾ مصنوعي ذهانت جي تعليم، تحقيق ۽ جدت کي هٿي ڏئي سگهجي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم افتخار احمد پڄاڻيءَ واري تقرير ۾ چيو ته مصنوعي ذهانت جي مستقبل جي جوڙجڪ ٽيڪنالاجي نه پر انسانيت کي ڪرڻ گهرجي. هن خبردار ڪيو ته برابريءَ واري رسائيءَ کانسواءِ مصنوعي ذهانت ترقي يافته ۽ اُسرندڙ ملڪن وچ ۾ ڊجيٽل خال کي وڌائي سگهي ٿي. هن عالمي اي آءِ گورننس جي عمل ۾ بهتر هم آهنگي ۽ تعاون تي زور ڀريندي چار ترجيحون بيان ڪيون جن ۾ مصنوعي ذهانت جي تقسيم کي ختم ڪرڻ، اي آءِ جي فائدن کي منصفاڻي ترقيءَ ۾ تبديل ڪرڻ، نوجوانن کي فيصله سازي ۾ فعال شرڪت دار بڻائڻ ۽ مصنوعي ذهانت کي اخلاقي، شفاف، محفوظ ۽ جوابده بڻائڻ شامل آهي. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته مصنوعي ذهانت کي جامع ۽ پائيدار ترقيءَ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي ۽ عالمي حصيداريءَ ذريعي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ان جا فائدا سڄي دنيا جي ماڻهن تائين برابريءَ واري انداز ۾ پهچي سگهن.