رياض-16 جولاءِ(اي پي پي) سعودي عرب جي اسڪائوٽس ايسوسي ايشن اسڪائوٽنگ سرگرمين کي خودڪار بڻائڻ، تنظيمي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ، ڊجيٽل ۽ انسٽيٽيوشنل ٽرانسفارميشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ يونيفائيڊ اسڪائوٽنگ ڊيٽا پليٽ فارم جي شروعات ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پليٽ فارم جو مقصد مملڪت جي اسڪائوٽنگ سسٽم کي تيار ڪرڻ جي طريقن ۽ ڊيٽا کي گڏ ڪرڻ ۽ ميمبرن لاءِ خدمتن کي بتر بنائڻ آهي. اهو مملڪت ۾ …
سعودي عرب جي اسڪائوٽس پاران يونيفائيڊ ڊجيٽل پليٽ فارم لانچ
رياض-16 جولاءِ(اي پي پي) سعودي عرب جي اسڪائوٽس ايسوسي ايشن اسڪائوٽنگ سرگرمين کي خودڪار بڻائڻ، تنظيمي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ، ڊجيٽل ۽ انسٽيٽيوشنل ٽرانسفارميشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ يونيفائيڊ اسڪائوٽنگ ڊيٽا پليٽ فارم جي شروعات ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پليٽ فارم جو مقصد مملڪت جي اسڪائوٽنگ سسٽم کي تيار ڪرڻ جي طريقن ۽ ڊيٽا کي گڏ ڪرڻ ۽ ميمبرن لاءِ خدمتن کي بتر بنائڻ آهي. اهو مملڪت ۾ اسڪائوٽنگ تحريڪ جي سمورن ميمبرن لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي ان ۾ مرد ۽ عورت اسڪائوٽس ليڊرز، ٻارن، نوجوان ميمبرن، اڳوڻن اسڪائوٽس ۽ اسڪائوٽس رضاڪار شامل آهن. اهي ميمبرن جي ڊيٽا درج ڪرڻ ۽ انتظام ڪرڻ، رپورٽس ۽ انگن اکرن کي تيار ڪرڻ، منصوبا بندي ۽ فالو اپ ۾ مدد ڪرڻ، اسڪائوٽنگ پروگرام ۽ قدمن کي نمايان ڪرڻ لاءِ هڪ مربوط اليڪٽرانڪ پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. هن جو هڪ مقصد اسڪائوٽنگ ميمبرن جي گڏيل ڊيٽا بيس ٺاهڻ به آهي. اهو پليٽ فارم اسڪائوٽنگ شناختي ڪارڊ ۽ سرڪاري سرٽيفيڪيٽس جاري ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندو. تصديق ٿيل رڪارڊ ذريعي قومي ۽ عالمي ايونٽ ۾ شرڪت جو اهتمام ڪندو. ايسو سي ايشن اسڪائوٽنگ سرگرمين ۾ شامل ماڻهن تي زور ڀريو آهي ته هو آفيشل سوشل اسڪائوٽنگ سرگرمين ۾ شامل ماڻهن تي زور ڀرين ته هو آفيشل سوشل ميڊيا اڪائونٽسس تي موجود ڪيو آر ڪوڊ کي اسڪين ڪري پليٽ فارم تي رجسٽرڊ ٿين.











