ماسڪو-16 جولاءِ(اي پي پي) روس جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي نائب سيڪريٽري يوري ڪوڪوف نيٽو ۽ يورپي يونين تي الزام لڳائيندي چيو آهي ته سندن استعمال ڪيل طريقيڪار ان حد تائين شدت اختيار ڪري چڪا آهن جو اهي هاڻي عالمي دهشتگردي تي پورو لهن ٿا. پرڏيهي ميڊيا موجب يوري ڪوڪوف جو چوڻ هيو ته نيٽو ۽ يورپي يونين اهڙا طريقا ۽ حڪمت عمليون استعمال ڪري رهيا آهن جن کي عالمي دهشتگردي جي هڪ شڪل طور …
روس جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي نائب سيڪريٽري پاران نيٽو ۽ يورپي يونين تي عالمي دهشتگرداڻا حربا استعمال ڪرڻ جو الزام

مزید خبریں
ماسڪو-16 جولاءِ(اي پي پي) روس جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي نائب سيڪريٽري يوري ڪوڪوف نيٽو ۽ يورپي يونين تي الزام لڳائيندي چيو آهي ته سندن استعمال ڪيل طريقيڪار ان حد تائين شدت اختيار ڪري چڪا آهن جو اهي هاڻي عالمي دهشتگردي تي پورو لهن ٿا. پرڏيهي ميڊيا موجب يوري ڪوڪوف جو چوڻ هيو ته نيٽو ۽ يورپي يونين اهڙا طريقا ۽ حڪمت عمليون استعمال ڪري رهيا آهن جن کي عالمي دهشتگردي جي هڪ شڪل طور بيان ڪري سگهجي ٿو. هن دعويٰ ڪئي ته پنهنجن سياسي ۽ معاشي مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ طاقت ۽ تشدد جو استعمال "اينگلو-سيڪسن مالي اشرافيه” جو هڪ پراڻو ترز عمل رهيو آهي، جن جي دولت پرڏيهي علائقن تي قبضي، نئين آبادياتي نظام، ڦرلٽ ۽ غلامن جي واپار سان لاڳاپيل رهيو آهي. ڪوڪوف وڌيڪ چيو ته انهن حلقن هميشه اندروني تڪرارن کي حل ڪرڻ ۽ ٻاهريان اثر وڌائڻ لاءِ طاقت جو سهارو ورتو آهي. هن يورپي يونين جي قيام جو حوالو ڏيندي چيو ته 1992ع جي ماستريخت معاهدي تحت امن، خوشحالي، قومن وچ ۾ برابري، پائيدار ترقي، شهرين لاءِ اعليٰ سطح جي سماجي سيڪيورٽي، عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي منشور جي پاسداري جهڙن مقصدن جو اعلان ڪيو هو. نيٽو ۽ يورپي يونين طرفان ان بيان تي فوري طور تي ڪو به رد عمل ظاهر ناهي ٿيو.











