بيجنگ-16 جولاءِ (اي پي پي) چين جي صوبي سيچوان ۾ هڪ مسافر وين ڊرائيور جي ضابطي مان نڪري روڊ جا حفاظتي ريلنگ ٽوڙي درياهه ڪناري وڃي ڪري جنهن جي نتيجي ۾ 6 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اختيارين ٻڌايو ته حادثو باوشنگ ڪائونٽي ۾ پيش آيو. حادثي وقت وين ۾ 17 ماڻهو سوار هئا. سمورن زخمين کي فوري طور تي …
چين جي صوبي سيچوان ۾ ٽريفڪ حادثو، 6 ماڻهو اجل جو شڪار،11 زخمي

مزید خبریں
بيجنگ-16 جولاءِ (اي پي پي) چين جي صوبي سيچوان ۾ هڪ مسافر وين ڊرائيور جي ضابطي مان نڪري روڊ جا حفاظتي ريلنگ ٽوڙي درياهه ڪناري وڃي ڪري جنهن جي نتيجي ۾ 6 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اختيارين ٻڌايو ته حادثو باوشنگ ڪائونٽي ۾ پيش آيو. حادثي وقت وين ۾ 17 ماڻهو سوار هئا. سمورن زخمين کي فوري طور تي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي پر مستحڪم ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته ٻيا ماڻهو علاج هيٺ آهن. اختيارين مطابق حادثي جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي.











