برلن _ 16 جولاءِ (اي پي پي) جرمن چانسلر فريڊرش مرز چيو آهي هو نٿا چاهين ته آمريڪا جرمني جي چونڊن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت ڪري ، ۽ توقع ظاهر ڪئي ته سمورا ملڪ جرمني جي چونڊن ۾ قانون جو احترام ڪندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق سالياني پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي مرز سان هڪ آمريڪي پروگرام بابت سوال ڪيو ويو جنهن بابت اطلاع آهي ته هو يورپ ۾ ڪجهه سياسي ۽ …
جرمن چانسلر فريڊش پاران آمريڪي حڪومت سان جرمن چونڊن ۾ عدم مداخلت جو مطالبو

مزید خبریں
برلن _ 16 جولاءِ (اي پي پي) جرمن چانسلر فريڊرش مرز چيو آهي هو نٿا چاهين ته آمريڪا جرمني جي چونڊن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت ڪري ، ۽ توقع ظاهر ڪئي ته سمورا ملڪ جرمني جي چونڊن ۾ قانون جو احترام ڪندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق سالياني پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي مرز سان هڪ آمريڪي پروگرام بابت سوال ڪيو ويو جنهن بابت اطلاع آهي ته هو يورپ ۾ ڪجهه سياسي ۽ سول تنظيمن جي حمايت ڪندو آهي . تبصري ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ان پروگرام سان جرمني جي کاٻي ڌر جي پارٽي آلٽرنيٽو فارجرمني سان نظرياتي ويجهرائي رکندڙ گروپن کي فائدو پهچي سگهي ٿو . ان تي مرز چيو ته هميشه آمريڪي چونڊن ۾ مداخلت کان پاسو ڪيو آهي ، ان ڪري هو به نٿا چاهين ته آمريڪي حڪومت يا ان سان لاڳاپيل ادارا جرمن چونڊن ۾ مداخلت ڪن . هن چيو ته جرمني ۾ پرڏيهه کان سياسي پارٽين جي مالي سهڪار تي قانوني منع آهي ۽ کين توقع آهي ته لاڳاپيل ملڪ جرمني جي قانون جو احترام ڪندا.











