مرڪزي آفريقي جهموريه ۾ دستن ۽ الٽين جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن پاران نئون امدادي فنڊ جاري

گڏيل قومون-16 جولاءِ(اي پي پي)گڏيل قومن مرڪزي آفريقي جهموريه ۾ دستن ۽ الٽين جي وبا تي ضابطو آڻڻ لاءِ هڪ ملين آمريڪي ڊالرن جي هنگامي امداد جاري ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت رابطه ڪاري جي آفيس مطابق گڏيل قومن جي هنگامي امدادي رابطه ڪار ٽام فليچر اهو فنڊ صحت جي سهولت ، عوامي آگاهي ، پاڻي ، صفائي ۽ صحت جي سارسنڀال جي …

گڏيل قومون-16 جولاءِ(اي پي پي)گڏيل قومن مرڪزي آفريقي جهموريه ۾ دستن ۽ الٽين جي وبا تي ضابطو آڻڻ لاءِ هڪ ملين آمريڪي ڊالرن جي هنگامي امداد جاري ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت رابطه ڪاري جي آفيس مطابق گڏيل قومن جي هنگامي امدادي رابطه ڪار ٽام فليچر اهو فنڊ صحت جي سهولت ، عوامي آگاهي ، پاڻي ، صفائي ۽ صحت جي سارسنڀال جي قدمن لاءِ جاري ڪئي آهي ته جيئن بيماري جي پکيڙ کي روڪجي ۽ فوتگين ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي . اوسي ايڇ اي ٻڌايو ته دستن ۽ الٽين جا ڪيس ٻهراڙي واري علائقي بيمبو ۽ مبائيڪي مان پکڙيو آهي . هيستائين ان بيماري جا 400 کان وڌيڪ شڪي ڪيس ۽ ڪميونٽي سطح تي 36 فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن. گڏيل قومن جي ٻارن بابت اداري (يونيسيف) مطابق دستن ۽ الٽين جي سمورن ڪيسن ۾ 10 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جو حصو 44 سيڪڙو آهي . يونيسيف 300 مريضن جي علاج لاءِ دستن ۽ الٽين جون ڪٽس فراهم ڪيون آهن، جڏهن ته قومي بيمارين جي مرڪز علاج ۽ ريفرل مرڪزي گنجائش 40 کان وڌائي 70 بسترا ڪرڻ لاءِ اضافي خيما به نصب ڪيا آهن.

مزید خبریں