آمريڪا پاران برازيل جي ڪجهه آمدني واپار تي 25 سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان

واشنگٽن _16 جولاءِ(اي پي پي) آمريڪا برازيل کان آمدني واپار جي ڪجهه شين تي 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪي اختيارين مطابق اهو قدم واپاري قانون جي مبينه ڀڃڪڙي جي جواب ۾ کنيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي واپاري نمائندي جيسمين گيرير اربع ڏينهن ٻڌايو ته اهو ٽيرف آمريڪي قانون جي  سيڪشن 301 تحت لاڳو ڪيو ويندو . آمريڪي واپاري نمائندي جي آفيس مطابق اهو فيصلو …

واشنگٽن _16 جولاءِ(اي پي پي) آمريڪا برازيل کان آمدني واپار جي ڪجهه شين تي 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪي اختيارين مطابق اهو قدم واپاري قانون جي مبينه ڀڃڪڙي جي جواب ۾ کنيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي واپاري نمائندي جيسمين گيرير اربع ڏينهن ٻڌايو ته اهو ٽيرف آمريڪي قانون جي  سيڪشن 301 تحت لاڳو ڪيو ويندو . آمريڪي واپاري نمائندي جي آفيس مطابق اهو فيصلو هڪ سال جي جاچ بعد ڪيو ويو ، جنهن ۾ برازيل جي ڊجيٽل  واپار، ٽيڪس ، ملڪيتن جي تحفظ، ايٿنول تائين فراهمي ۽ ٻيلن جي ڪٽائي بابت پاليسين جو جائزو ورتو ويو . آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته انهن پاليسين سان امريڪي واپار متاثر ٿي رهيو آهي. جيميسن چيو ته اهو قدم مبينه غير منصفاڻن طريقن کي منهن ڏيڻ ۽ آمريڪي ڪارڪنن ۽ ڪمپنين کي برابري جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ضروري آهن . هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران برازيل سان ٿيل ڳالهيون انهن معاملن جي حل ۾ ڪامياب ناهن ٿي سگهيون، پر آمريڪا وڌيڪ ڳالهين لاءِ تيار آهي . آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو برازيل جي حڪومت تي الزام لڳايو ته هن آمريڪا سان ڳالهين  ۾ سنجيدگي جو مظاهرو ناهي ڪيو . هن برازيل جي صدر تي به تنقيد ڪندي چيو ته هن معاهدي بدران پنهنجي سياسي ترجيحات کي فوقيت ڏني. رپورٽس مطابق برازيل، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي نئين ٽيرف حڪمت عملي تحت هدف بڻجندڙ پهريون ملڪ هوندو، جنهن ۾ آمريڪي قانون جي شق 301 کي استعمال ڪيو پيو وڃي. اها شق مبينه غير منصفاڻي واپاري سرگرمين جي جاچ جي اجازت ڏي ٿي.

مزید خبریں