آمريڪا سعودي عرب کي 2 ارب ڊالرن جا هٿيار وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

واشنگٽن- 16 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا سعودي عرب کي اٽڪل 1.96 بلين آمريڪي ڊالرن جي ماليت جي هٿيارن جي وڪري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هٿيارن جي ان وڪري جي آمريڪي پرڏيهي پاليسي ۽ قومي سلامتي ۽ قومي سلامتي جي هدفن جي حمايت ڪندو ڇاڪاڻ ته ان سان هڪ اهم غير نيٽو اتحادي جي …

واشنگٽن- 16 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا سعودي عرب کي اٽڪل 1.96 بلين آمريڪي ڊالرن جي ماليت جي هٿيارن جي وڪري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هٿيارن جي ان وڪري جي آمريڪي پرڏيهي پاليسي ۽ قومي سلامتي ۽ قومي سلامتي جي هدفن جي حمايت ڪندو ڇاڪاڻ ته ان سان هڪ اهم غير نيٽو اتحادي جي دفاعي صلاحيت مضبوط ٿيندي جيڪا نار خطي ۾ سياسي استحڪام ۽ اقتصادي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان معاهدي جو مرڪزي ڪانٽريڪٽر بي اي اي سسٽم هوندو. اهو فيصلو اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن يمن ۾ حوثي فورسز فورسز ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي.

مزید خبریں