ڪراچي- 15 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت صنعتي ترقي، مضبوط انفراسٽرڪچر ۽ ڪاروبار دوست ماحول کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، جڏهن ته شهيد ڀٽو ايڪسپريس وي کي ڪراچي بندرگاهه سان ڳنڍڻ واپار ۽ صنعت لاءِ هڪ انقلابي قدم ثابت ٿيندو. اهڙو اظهار هن انڊس هاسپيٽل نيٽ ورڪ جي باني ڊاڪٽر عبدالباري خان جي اعزاز ۾ ڪراچي ايسوسيئيشن …
سنڌ حڪومت صنعتي ترقي، مضبوط انفراسٽرڪچر ۽ ڪاروبار دوست ماحول کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي: سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي- 15 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت صنعتي ترقي، مضبوط انفراسٽرڪچر ۽ ڪاروبار دوست ماحول کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، جڏهن ته شهيد ڀٽو ايڪسپريس وي کي ڪراچي بندرگاهه سان ڳنڍڻ واپار ۽ صنعت لاءِ هڪ انقلابي قدم ثابت ٿيندو. اهڙو اظهار هن انڊس هاسپيٽل نيٽ ورڪ جي باني ڊاڪٽر عبدالباري خان جي اعزاز ۾ ڪراچي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري (ڪاٽي) پاران منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو، حڪومتي ترجمان نادر گبول، صنعتڪار، واپاري اڳواڻ ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وڏي وزير چيو ته صنعتي ترقي سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ حڪومت جو مقصد رڳو رستا ۽ پل تعمير ڪرڻ نه، پر اهڙو سازگار ماحول پيدا ڪرڻ آهي، جتي سيڙپڪاري، صنعتون ۽ روزگار جا موقعا وڌن. هن چيو ته تاج حيدر پل، ڪورنگي ڪراسنگ پل ۽ شهيد ڀٽو ايڪسپريس وي جهڙا منصوبا صنعتي رابطن ۽ واپار کي هٿي ڏيندا. مراد علي شاهه چيو ته حڪومت مالي مشڪلاتن باوجود صنعتي علائقن ۾ ترقياتي ڪمن ۽ انفراسٽرڪچر تي سيڙپڪاري جاري رکندي. هن چيو ته ڪورنگي صنعتي علائقي ۾ امن امان بابت صنعتڪارن جي خدشن تي فوري قدم کڻي خاص ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي، جنهن جا مثبت نتيجا سامهون آيا آهن. صحت جي شعبي بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ۽ انڊس هاسپيٽل نيٽ ورڪ جي شراڪتداري عوامي ۽ خانگي ڀائيواري جو ڪامياب مثال آهي، جنهن سان ڪراچي سميت بدين ۽ ٻين پٺتي پيل علائقن ۾ معياري صحت جون سهولتون فراهم ٿي رهيون آهن. هن چيو ته عوام جي خدمت سندس حڪومت جي بنيادي ترجيح آهي ۽ هو ايمانداري ۽ عوامي مفاد کي سامهون رکي پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيو آهي. وڏي وزير زور ڀريو ته ڪراچي بابت منفي تاثر ڏيڻ بدران شهر جي مثبت رخ کي اجاگر ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اهڙي رويي سان عالمي سطح تي شهر جي بهتر سڃاڻپ قائم ٿيندي. تقريب ۾ وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالباري خان کي صحت جي شعبي ۾ غيرمعمولي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انڊس هاسپيٽل لکين مستحق مريضن کي مفت ۽ معياري علاج فراهم ڪري انسانيت جي خدمت جو مثالي ادارو بڻجي چڪو آهي. ان موقعي تي ڪاٽي جي صدر محمد اڪرام راجپوت صنعتي علائقن لاءِ حڪومت جي سهڪار، شهيد ڀٽو ايڪسپريس وي، ڪورنگي فلائي اوورز ۽ ترقياتي منصوبن لاءِ ٻه ارب رپين جي گرانٽ تي وڏي وزير جا ٿورا مڃيا، جڏهن ته ڊاڪٽر عبدالباري خان چيو ته سنڌ حڪومت انڊس هاسپيٽل نيٽ ورڪ جي سڀ کان وڏي ڀائيوار آهي، جنهن جي سهڪار سان اداري جي سالياني سرڪاري مدد 30 ڪروڙ رپين مان وڌي 8 ارب رپين تائين پهچي وئي آهي، جنهن سان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ صحت جون سهولتون وڌيڪ وسيع ڪرڻ ممڪن ٿيو آهي.










