سنڌ جي وڏي وزير سان قومي پيغامِ امن ڪميٽي جي وفد جي ملاقات

ڪراچي- 15 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان قومي پيغامِ امن ڪميٽي جي هڪ وفد، جنهن جي اڳواڻي ڪميٽي جي ڪوآرڊينيٽر مولانا طاهر محمود اشرفي ڪئي، وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وڏي وزير وفد جي آجيان ڪندي چيو ته قومي پيغامِ امن ڪميٽي جون امن، مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ قومي يڪجهتي لاءِ ڪيل خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته سنڌ صوفين، …

ڪراچي- 15 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان قومي پيغامِ امن ڪميٽي جي هڪ وفد، جنهن جي اڳواڻي ڪميٽي جي ڪوآرڊينيٽر مولانا طاهر محمود اشرفي ڪئي، وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وڏي وزير وفد جي آجيان ڪندي چيو ته قومي پيغامِ امن ڪميٽي جون امن، مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ قومي يڪجهتي لاءِ ڪيل خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته سنڌ صوفين، محبت، رواداري ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي ڌرتي آهي، جتي هندو، سک، عيسائي، پارسي ۽ ٻين برادرين کي پنهنجي عقيدي موجب مذهبي رسمن ۽ تهوار ملهائڻ جي مڪمل آزادي حاصل آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته امن، برداشت، قانون جي بالادستي ۽ گڏيل احترام ئي پائيدار ترقي ۽ قومي استحڪام جي ضمانت آهن. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي پيغامِ امن ڪميٽين جو قيام قومي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم قدم آهي ۽ سنڌ حڪومت انهن سان هر ممڪن سهڪار جاري رکندي. هن چيو ته پاڪستان جي آئين موجب هر شهري جي جان، مال، عزت، مذهبي آزادي ۽ برابري جي حقن جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي. سنڌ حڪومت محرم الحرام، عيد ميلاد النبي ﷺ، چهلم، ڪرسمس، ايسٽر، ڏياري، هولي ۽ ٻين مذهبي تهوارن جي پرامن انعقاد لاءِ جامع انتظام ڪري ٿي. وڏي وزير چيو ته انتهاپسندي، فرقيواريت ۽ نفرت انگيزي جي خاتمي لاءِ عالمن، ميڊيا، تعليمي ادارن ۽ سول سوسائٽي کي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن زور ڀريو ته علماءِ ڪرام ۽ مشائخ اسلام جي امن، اعتدال، ڀائيچاري ۽ انسان دوستي واري حقيقي پيغام کي عام ڪن، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي نفرت انگيز مواد ۽ غلط ڄاڻ جو مقابلو مثبت قومي بيانيي ۽ ذميوار رويي سان ڪري سگهجي ٿو. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته نوجوانن ۾ برداشت، آئيني قدرن، قومي ذميواري ۽ مثبت شهريت کي فروغ ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ضلعي انتظاميا، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، عالمن ۽ اقليتي اڳواڻن وچ ۾ مؤثر رابطي سان امن امان وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ”پيغامِ پاڪستان“ انتهاپسندي، فرقيواريت ۽ تشدد خلاف قومي اتفاقِ راءِ جو اهم دستاويز آهي، جڏهن ته بين المذاهب مباحثن ۽ اقليتي برادرين سان رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. هن تجويز ڪيل صوبائي علماءَ، مشائخ ۽ بين المذاهب هم آهنگي ڪانفرنس جي ڪامياب انعقاد لاءِ سنڌ حڪومت جي مڪمل سهڪار جو پڻ يقين ڏياريو. ان موقعي تي مولانا طاهر محمود اشرفي چيو ته قومي پيغامِ امن ڪميٽي جو مقصد پاڪستان ۾ امن، مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته علماءِ ڪرام، مشائخ، اقليتي اڳواڻ، رياستي ادارا ۽ سول سوسائٽي گڏجي انتهاپسندي، فرقيواريت ۽ نفرت انگيزي جو مؤثر مقابلو ڪري سگهن ٿا. هن سنڌ جي مذهبي رواداري ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي سڄي پاڪستان لاءِ مثالي قرار ڏيندي سنڌ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو مذهبي رواداري بابت مثبت ۽ مؤثر موقف اختيار ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير سعيد غني، رياض شاهه شيرازي، گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو کاتو اقبال ميمڻ، آءِ جي پوليس جاويد عالم اوڍو، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وفد ۾ ميجر جنرل (ر) ڊاڪٽر غلام قمر، عاشق حسين شيخ، عالمن، مشائخ ۽ اقليتي برادرين جي اڳواڻن سميت علامه سيد اطهر حسين مشهدي، مفتي محمد جان نعيمي، پنڊت مهاراج گوسوامي گير ۽ سردار رميش سنگهه پڻ شامل هئا.

مزید خبریں