ڊاڪٽر آڪاش ڪمار قتل ڪيس ۾ ملوث 3 جوابدار گرفتار، امن امان تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو ويندو: صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار

ڪراچي- 15 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ڊاڪٽر آڪاش ڪمار قتل ڪيس ۾ ملوث ٽن جوابدارن جي گرفتاري تي سنڌ پوليس کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته هي انتهائي افسوسناڪ ۽ دل ڏاريندڙ واقعو هو، جنهن جي متاثر خاندان جي ڏک ۾ سنڌ حڪومت برابر جي شريڪ آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر آڪاش ڪمار قتل ڪيس پوليس لاءِ هڪ انتهائي چئلينجنگ …

ڪراچي- 15 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ڊاڪٽر آڪاش ڪمار قتل ڪيس ۾ ملوث ٽن جوابدارن جي گرفتاري تي سنڌ پوليس کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته هي انتهائي افسوسناڪ ۽ دل ڏاريندڙ واقعو هو، جنهن جي متاثر خاندان جي ڏک ۾ سنڌ حڪومت برابر جي شريڪ آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر آڪاش ڪمار قتل ڪيس پوليس لاءِ هڪ انتهائي چئلينجنگ ڪيس هو، جنهن کي 36 ڪلاڪن اندر ڪاميابي سان ٽريس ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو سنڌ پوليس جي پيشاوراڻي صلاحيتن جو ثبوت آهي. گهرو وزير چيو ته هن ڪيس جي جاچ جي هو ذاتي طور نگراني ڪندو، جڏهن ته ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پڻ جاچ ۽ ان جي هر مرحلي جي سڌي ريت نگراني ڪري رهيو آهي. هن ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي شهر جي سڀني پوش علائقن ۾ سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون. ضياءَ الحسن لنجار چيو ته ڪيس ۾ مضبوط شاهدين ۽ جامع چالان جي بنياد تي جوابدارن کي مثالي سزائون ڏيارڻ کي يقيني بڻايو وڃي، جيئن اهو ٻين ڏوهارين لاءِ عبرتناڪ مثال بڻجي سگهي. هن چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ امن امان تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت شهرين جي تحفظ لاءِ سمورا انتظامي وسيلا استعمال ڪري رهي آهي. ڏوهاري ڀلي ڪيترا به بااثر ڇو نه هجن، هو قانون جي گرفت ۽ سخت سزا کان بچي نه سگهندا. ڪجهه شرپسند عنصر ڪراچي جي امن کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا، پر سندن ناپاڪ ارادا ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنا ويندا. هن چيو ته مظلوم خاندان کي بنا ڪنهن فرق جي انصاف فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جو پختو عزم آهي. پوليس موجب ڊاڪٽر آڪاش ڪمار قتل ڪيس ۾ ملوث ٽن جوابدارن، انيل، رام چند ۽ سريش کي ڳجهي اطلاع تي ڊفينس واري علائقي مان گرفتار ڪيو ويو. جوابدارن وٽان هٿيار ۽ روڪ رقم پڻ هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته واردات ۾ استعمال ٿيل هڪ ڪار ۽ ٻه موٽر سائيڪلون پڻ سڃاڻپ ۾ اچي ويون آهن. پوليس موجب ڪيس جي وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته ٻين سهولتڪارن ۽ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. پوليس واضح ڪيو آهي ته قانون کان فرار ٿيڻ ڪنهن به صورت ۾ ممڪن نه آهي ۽ سنگين ڏوهن ۾ ملوث سمورن عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

مزید خبریں