لاڙڪاڻو- 15 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ڀرسان عاقل ٿاڻي جي حد ڳوٺ بگن ڪورائي ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي مبينا فائرنگ ۾ 48 سالن جو پورهيت ڳوٺاڻو زاهد پٽ حاجي ٻڍل خان ڪورائي قتل ٿي ويو آهي، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. اهڙي واقعي خلاف مقتول جي وارثن پاران سندس لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي پڻ …
لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ بگن ڪورائي ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ ڳوٺاڻو قتل

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 15 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ڀرسان عاقل ٿاڻي جي حد ڳوٺ بگن ڪورائي ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي مبينا فائرنگ ۾ 48 سالن جو پورهيت ڳوٺاڻو زاهد پٽ حاجي ٻڍل خان ڪورائي قتل ٿي ويو آهي، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. اهڙي واقعي خلاف مقتول جي وارثن پاران سندس لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ان موقعي تي مبينا قتل ٿي ويل مقتول جي ڀائرن ديدار ڪورائي ۽ فتح محمد ڪورائي ميڊيا آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته پراڻي سڱاوتي تڪرار تان بااثر جوابدار بادشاهه ڪورائي پنهنجي ڀائرن ۽ ٻين هٿياربند ساٿين سان گڏجي اسان جي گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري ڀاءُ زاهد ڪورائي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، پر پوليس هن وقت تائين ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث ھٿياربندن کي گرفتار ناهي ڪيو، جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.








