ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب لاڙڪاڻو پاران ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس قمبر ۾ ھڪ کلي ڪچهري منعقد

لاڙڪاڻو /قمبر- 15جولاءِ (اي پي پي) ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب لاڙڪاڻو علي اڪبر جاگيراڻي اربع ڏينهن ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس قمبر ۾ ھڪ کلي ڪچهري منعقد ڪئي. کليل ڪچهري دوران ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر قمبر شهدادڪوٽ کي هدايتون ڏيندي چيو ته سرڪاري ملازمن، رٽائرڊ ملازمن ۽ فوتين جي وارثن جا مسئلا بنا دير جي حل ڪيا وڃن ته جيئن کين ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف درپيش نه اچي. کُليل ڪچهري …

لاڙڪاڻو /قمبر- 15جولاءِ (اي پي پي) ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب لاڙڪاڻو علي اڪبر جاگيراڻي اربع ڏينهن ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس قمبر ۾ ھڪ کلي ڪچهري منعقد ڪئي. کليل ڪچهري دوران ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر قمبر شهدادڪوٽ کي هدايتون ڏيندي چيو ته سرڪاري ملازمن، رٽائرڊ ملازمن ۽ فوتين جي وارثن جا مسئلا بنا دير جي حل ڪيا وڃن ته جيئن کين ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف درپيش نه اچي. کُليل ڪچهري ۾ ملازمن جي رھيل پگهارن، جي پي فنڊ، پينشن، سرڪاري ملازمن، رٽائرڊ ملازمن ۽ فوتين جي ڪيسن جي باري ۾ هدايتون ڏيندي چيو ته ملازمن جي جائز مسئلن کي فوري طور حل ڪيو وڃي ۽ شڪايتن جو جلد ازالو ڪيو وڃي ۽ صحيح طريقي سان سندن مسئلن بابت آگاهي ڏني وڃي. کليل ڪچهري ۾ مختلف کاتن جي سرڪاري ملازمن، رٽائرڊ ملازمن جون شڪايتون پيش ڪيون ويون جن کي حل ڪرڻ لاءِ ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب لاڙڪاڻو علي اڪبر جاگيراڻي پاران موقعي تي احڪامات جاري ڪيا. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر قمبر شهدادڪوٽ ڳالھائيندي چيو ته تمام سرڪاري ملازمن جا مسئلا اوليت جي بنياد تي بنا ڪنهن دير جي حل ڪيا ويندا ته جيئن کين ڪا به پريشاني نه ٿي ۽ سمورين شڪايتن جو جلد کان جلد ازالو ڪيو ويندو.

مزید خبریں