ڪراچي-15 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي جيڪا محبت، ڀائيچاري ۽ امن جو پيغام ڏئي ٿي. هن چيو ته حضرت لعل شهباز قلندر ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سرزمين سنڌ هميشه رواداري، هم آهنگي ۽ اتحاد جي علامت رهي آهي. اهڙو اظهار هن قومي پيغامِ امن ڪميٽي جي اڳواڻ مولانا طاهر اشرفي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل …
سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي جيڪا محبت، ڀائيچاري ۽ امن جو پيغام ڏئي ٿي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه
ڪراچي-15 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي جيڪا محبت، ڀائيچاري ۽ امن جو پيغام ڏئي ٿي. هن چيو ته حضرت لعل شهباز قلندر ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سرزمين سنڌ هميشه رواداري، هم آهنگي ۽ اتحاد جي علامت رهي آهي. اهڙو اظهار هن قومي پيغامِ امن ڪميٽي جي اڳواڻ مولانا طاهر اشرفي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين علامه راغب حسين نعيمي ۽ ٻين سان وزير اعليٰ هائوس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت قومي پيغامِ امن ڪميٽي سان هر ممڪن سهڪار ڪندي ۽ جيڪڏهن سڀ گڏجي امن جي لاءِ ڪوشش ڪندا ته الله پاڪ ضرور مدد فرمائيندو. هن چيو ته معرڪه حق جي ڪاميابي کانپوءِ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو ذڪر ٿي رهيو آهي ۽ اسان کي پنهنجي پاڪ فوج تي فخر آهي. ان موقعي تي قومي پيغامِ امن ڪميٽي جي اڳواڻ مولانا طاهر اشرفي چيو ته قومي پيغامِ امن ڪميٽي جو مقصد شدت پسندي جو خاتمو ۽ ملڪ ۾ امن، اتحاد ۽ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ آهي، جنهن ۾ سڀني مڪتب فڪر ۽ مذهبن جا نمائندا شامل آهن. هن چيو ته قوم کي فتنه الخوارج ۽ ٻين سازشن کان هوشيار رهڻ گهرجي ۽ ڪنهن به فتني جو سهولتڪار نه بڻجڻ گهرجي.مولانا طاهر اشرفي وڌيڪ چيو ته سياست جي ميدان ۾ سياست ٿيڻ گهرجي، پر قومي سلامتي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو قبول ناهي. هن چيو ته پاڪ فوج ۾ اسان جا ڀائر ۽ پٽ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، جيڪي رڳو پگهار لاءِ نه پر وطن جي حفاظت ۽ شهادت جي جذبي سان سرحدن تي بيٺل آهن. هن چيو ته شهيدن ۽ غازين جي عزت ۽ احترام قوم جي ذميواري آهي ۽ ڪنهن کي به انهن جي توهين ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. مولانا طاهر اشرفي چيو ته پاڪستان جي سلامتي ۽ استحڪام تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو قبول نه آهي، ڇو ته اسلام ۽ وطن ٻنهي جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته دنيا هاڻي فتنه الخوارج ۽ ڀارت جي شرپسند سازشن کي سڃاڻي چڪي آهي. هن محرم الحرام دوران سنڌ پوليس، پاڪستان رينجرز ۽ پاڪ فوج جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته سيڪيورٽي ادارن بهترين حڪمت عملي سان امن امان برقرار رکيو، جڏهن ته رينجرز هيڊڪوارٽر تي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائي سوين بيگناهه شهرين جون حياتيون بچايون.مولانا طاهر اشرفي چيو ته سرحدن تي بيٺل جوان رڳو پگهار لاءِ نه، پر وطن خاطر قرباني ۽ شهادت جي جذبي سان پنهنجا فرض نڀائين ٿا. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون قوم لاءِ فخر جو باعث آهن ۽ انهن جي عزت ۽ احترام هر پاڪستاني تي لازم آهي.هن چيو ته عالمن ۽ مشائخن طرفان سڀني سياسي ڌرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته سياست ۾ تشدد ۽ نفرت واري روش ختم ڪئي وڃي. هن جذباتي انداز ۾ پاڪ فوج جي جوانن، شهيدن جي وارثن، مائرن ۽ ٻارن کان معافي گهرندي چيو ته سوشل ميڊيا تي سندن دل آزاري جو سبب بڻجندڙ ڪنهن به ڳالهه تي کين ڏک پهتو هجي ته قوم ان تي افسوس ڪري ٿي.مولانا طاهر اشرفي وڌيڪ چيو ته ملڪ تي مڙهيل دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڄي قوم رياست ۽ سلامتي جي ادارن سان گڏ بيٺل آهي، تنهن ڪري هر شهري کي گهرجي ته ڄاڻي واڻي يا اڻڄاڻائي ۾ ڪنهن به دهشتگرد يا فتني جو سهولتڪار نه بڻجي.ان موقعي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين علامه راغب حسين نعيمي چيو ته ملڪ ۾ هر موقعي تي محبت، اتحاد ۽ يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مختلف مڪتب فڪر ۽ مذهبن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل رابطن سان بهتر نتيجا حاصل ٿيندا، جڏهن ته پائيدار امن سان ملڪ جي معاشي ترقي پڻ تيز ٿيندي. قومي پيغامِ امن ڪميٽي جي اڳواڻ مفتي عبدالرحيم چيو آهي ته رياست ۽ حڪومت وچ ۾ موجود خال کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن عوام جو اعتماد وڌيڪ مضبوط بڻجي سگهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اقليتن جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي بنيادي ذميواري آهي ۽ ان حوالي سان مؤثر قدم کڻڻ ضروري آهن. هن چيو ته مدرسن بابت ڪجهه معاملن تي ماڻهن ۾ اطمينان جي کوٽ موجود آهي، تنهن ڪري مدرسن جي نصاب ۽ شاگردن جي فڪري تربيت تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.مفتي عبدالرحيم چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي 1973ع جي اسلامي آئين، ايٽمي پروگرام ۽ ختم نبوت جي تحفظ ۾ اهم ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي.پريس ڪانفرنس ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير سعيد غني، رياض شاهه شيرازي، گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ مختلف مڪتبن فڪر جا عالم، مشائخ ۽ اقليتي برادرين جا اڳواڻ پڻ موجود هئا.











