وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي وزير اعليٰ هائوس پبلڪ ڪمپلينٽ سيل ذريعي عوامي خدمت جو سلسلو جاري

ڪراچي-15 جولاءِ(اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي وزير اعليٰ هائوس پبلڪ ڪمپلينٽ سيل ذريعي عوامي خدمت جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پبلڪ ڪمپلينٽ سيل جو دورو ڪيو ۽ شهرين جون شڪايتون ٻڌيون.شرجيل انعام ميمڻ ٽيليفون ذريعي مختلف شهرين جا مسئلا ٻڌي لاڳاپيل ادارن کي فوري ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي هن …

ڪراچي-15 جولاءِ(اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي وزير اعليٰ هائوس پبلڪ ڪمپلينٽ سيل ذريعي عوامي خدمت جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پبلڪ ڪمپلينٽ سيل جو دورو ڪيو ۽ شهرين جون شڪايتون ٻڌيون.شرجيل انعام ميمڻ ٽيليفون ذريعي مختلف شهرين جا مسئلا ٻڌي لاڳاپيل ادارن کي فوري ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي هن چيو ته وڏي وزير جي واضح هدايت آهي ته هر شهري جي شڪايت کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي ۽ هر درخواست تي مؤثر عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي.هن چيو ته عوام جي خدمت پاڪستان پيپلز پارٽي جي سياست جو بنيادي مقصد آهي ۽ حڪومت ڪنهن به شهري کي مايوس ٿيڻ نه ڏيندي. وڏو وزير چاهي ٿو ته عوام جا مسئلا بروقت حل ٿين ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ شفاف ۽ مؤثر نظام تحت قدم کنيا وڃن. سينيئر وزير چيو ته سي ايم هائوس پبلڪ ڪمپلينٽ سيل عوام ۽ حڪومت وچ ۾ هڪ مؤثر رابطي جو ذريعو بڻجي چڪو آهي. وڏي وزير جي هدايتن موجب وزير ۽ عوامي نمائندا، واري واري سان پبلڪ ڪمپلينٽ سيل ۾ ويهي شهرين جون شڪايتون ٻڌي انهن جي حل لاءِ قدم کڻي رهيا آهن. شرجيل انعام ميمڻ انتظاميا کي هدايت ڪئي ته شهرين جي مسئلن جو فوري، شفافيت ۽ ميرٽ تي حل يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تحت وڏي وزير سنڌ جي عوام دوست پاليسين تي مؤثر نموني عملدرآمد جاري آهي.هن شهرين کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجون شڪايتون ٽول فري نمبر 0800-91915 يا پبلڪ ڪمپلينٽ سيل جي نمبرن 021-99202047، 021-99207349 ۽ 021-99207568 تي رجسٽر ڪرائي سگهن ٿا.