آمريڪي صدر اسرائيلي وزيراعظم کي شام ۽ لبنان مان فوج واپس گهرائڻ لاءِ چيو آهي: آمريڪي اختياريون

واشنگٽن - 15 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو کي چيو آهي ته اسرائيل کي شام مان پنهنجون فوجون واپس گهرائڻ گهرجن ۽ هن تي زور ڀريو ته هو لبنان ۾ به ايئن ئي ڪري. پرڏيهي ميڊيا ايگزيوس جي حوالي سان ٻڌايو ته آمريڪي ۽ اسرائيلي اختيارين پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ کانس واءِ چيو آهي، ته آمريڪي صدر 9 جولاءِ تي نيتن ياهو …

واشنگٽن – 15 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو کي چيو آهي ته اسرائيل کي شام مان پنهنجون فوجون واپس گهرائڻ گهرجن ۽ هن تي زور ڀريو ته هو لبنان ۾ به ايئن ئي ڪري. پرڏيهي ميڊيا ايگزيوس جي حوالي سان ٻڌايو ته آمريڪي ۽ اسرائيلي اختيارين پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ کانس واءِ چيو آهي، ته آمريڪي صدر 9 جولاءِ تي نيتن ياهو سان فون ڪال دوران کيس ان حوالي سان پنهنجي موقف کان آگاهه ڪيو. رپورٽ موجب آمريڪي صدر  اسرائيلي وزيراعظم کي چيو آهي، ته اسرائيل کي شام مان پنهنجون فوجون ڪڍڻ گهرجن ۽ ان تي زور ڀريو ته هو لبنان ۾ به ايئن ئي ڪري. هڪ آمريڪي اهلڪار ٻڌايو ته آمريڪي صدر نيتن ياهو کي خبردار ڪيو ته شام جي ڌرتي اسرائيلي فوج جي موجودگي ڇڪتاڻ جو سبب آهي ۽ ان ۾ اضافي جو سبب بڻجي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته هو توهان کي اتي ڏسڻ نه ٿا چاهين.