سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سهڪار سان ڊاڪٽر تحسين فاطمه مياڻو جي رهنمائي ۾ بصرن بابت مُڪمل ٿيل تحقيقي منصوبي بابت پُڄاڻي وارو سيمينار

ٽنڊو ڄام- 15 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن (SHEC) جي مالي سهڪار سان مڪمل ٿيل تحقيقي منصوبي "اسٽڊي آن دي ويليو ايڊيشن آف اونين اِن سنڌ پراونس آف پاڪستان" جي پڄاڻيءَ وارو سيمينار منعقد ڪيو ويو، سيمينار ۾ بصر جي ويليو ايڊيشن بابت جديد مھارتون ۽ عملي طريقا پيش ڪيا ويا، جنھن جو مقصد فصل لھڻ کانپوءِ ٿيندڙ نقصانن ۾ گهٽتائي، خوراڪ …

ٽنڊو ڄام- 15 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن (SHEC) جي مالي سهڪار سان مڪمل ٿيل تحقيقي منصوبي "اسٽڊي آن دي ويليو ايڊيشن آف اونين اِن سنڌ پراونس آف پاڪستان” جي پڄاڻيءَ وارو سيمينار منعقد ڪيو ويو، سيمينار ۾ بصر جي ويليو ايڊيشن بابت جديد مھارتون ۽ عملي طريقا پيش ڪيا ويا، جنھن جو مقصد فصل لھڻ کانپوءِ ٿيندڙ نقصانن ۾ گهٽتائي، خوراڪ جي تحفظ کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻهراڙيءَ ۾ روزگار ۽ ڪاروباري موقعا پيدا ڪرڻ آهي، ان سلسلي ۾ انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي پاران منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، ميريٽوريس پروفيسر انجنيئر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته زرعي يونيورسٽين کي روايتي تحقيق تائين محدود رهڻ بدران اهڙين جديد ٽيڪنالاجين تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، جيڪي زرعي پيداوار ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين شين کي وڌيڪ معاشي اھميت رکندڙ ڪاروباري شين ۾ تبديل ڪري سگهن، هن چيو ته خام زرعي پيداوار کي گهٽ اگهه تي وڪڻڻ بدران ويليو ايڊيشن ذريعي مارڪيٽ لائق ۽ وڌيڪ منافعي بخش شيون تيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، اهڙي عمل سان فصل لھڻ کان پوءِ ٿيندڙ نقصانن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي، جڏهن ته ٻهراڙيءَ ۾ گهريلو ۽ ڪاٽيج صنعتن کي هٿي ملندي ۽ خاص طور عورتن، نوجوانن ۽ ننڍن ڪاروباري ماڻهن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، ڊاڪٽر الطاف علي سيال وڌيڪ چيو ته يونيورسٽين جي ذميواري آهي ته هو هارين، خوراڪ جي پروسيسنگ سان لاڳاپيل ادارن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي فني رهنمائي، مشاورتي خدمتون ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي منتقلي ذريعي زرعي بنيادن تي قائم صنعتن جي واڌاري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، جيئن پاڪستان جي ڪئي زرعي معيشت وڌيڪ مضبوط بڻجي سگهي، ريسرچ پروجيڪٽ جي پرنسپل انويسٽيگيٽر ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر تحسين فاطمه مياڻو چيو ته منصوبي جو مقصد اهڙيون گهٽ خرچ ۽ عملي ٽيڪنالاجيون تيار ڪرڻ آهي، جيڪي ننڍي پيماني تي ڪم ڪندڙ فوڊ پروسيسرن، هارين جي تنظيمن ۽ ڪاروباري ماڻهن لاءِ آساني سان اختيار ڪرڻ جهڙيون هجن. هن چيو ته بصر جي ويليو ايڊيشن سان نه رڳو هارين جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو، پر پائيدار زراعت، خوراڪي تحفظ ۽ ٻهراڙيءَ جي معاشي ترقي کي پڻ هٿي ملندي، سيمينار دوران تحقيقي ٽيم بصر مان تيار ڪيل مختلف ويليو ايڊڊ شين، جن ۾ بصر جو پائوڊر، سڪايل بصر جا رنگ، بصر فليڪس، بصر پيسٽ ۽ بصر جو سانڌاڻو شامل آهن جي نمائش ڪئي. ان موقعي تي جديد پروسيسنگ ۽ پيڪيجنگ ٽيڪنالاجيز پڻ پيش ڪيون ويون، جيڪي غذائي معيار برقرار رکڻ، شين جي استعمال جو مدو وڌائڻ، ذخيري ۽ آمدرفت دوران ٿيندڙ نقصانن کي گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون، سيمينار ۾  پاڪستان زرعي تحقيقي ڪائونسل، گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت واري اداري، مختلف يونيورسٽين، تحقيقي ادارن، سرڪاري کاتن، فوڊ انڊسٽري، زرعي واڌاري جي ماهرن، ترقي پسند هارين، استادن، محققن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں