اوٽاوا-15 جولاءِ(اي پي پي)دنيا جي اسريل ملڪن جي گروپ جي - سيون روس تي زور ڀريو آهي ته هو يو ڪرين خلاف ويڙهه ۾ جنگ بندي جي تجويز کي قبول ڪري يا پوءِ وڌيڪ پابندين لاءِ تيار رهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪينيڊا ۾ جي - سيون ملڪن جي اعليٰ سفارتڪارن اجلاس کانپوءِ هڪ بيان ۾ چيو ته روس جنگ بندي تي برابر شرطن تي راضي ٿئي ۽ ان تي عمل …
روس جنگ بندي جي تجويز قبول ڪري يا وڌيڪ پابندين لاءِ تيار رهي: جي – سيون
اوٽاوا-15 جولاءِ(اي پي پي)دنيا جي اسريل ملڪن جي گروپ جي – سيون روس تي زور ڀريو آهي ته هو يو ڪرين خلاف ويڙهه ۾ جنگ بندي جي تجويز کي قبول ڪري يا پوءِ وڌيڪ پابندين لاءِ تيار رهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪينيڊا ۾ جي – سيون ملڪن جي اعليٰ سفارتڪارن اجلاس کانپوءِ هڪ بيان ۾ چيو ته روس جنگ بندي تي برابر شرطن تي راضي ٿئي ۽ ان تي عمل ڪري. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اسان ان باري ۾ ڳالهيون ڪيون آهن جيڪڏهن روس جنگ بندي تي راضي نه ٿيو ته مٿس پابنديون وڌيڪ سخت ڪيون وينديون ۽ ان کان تيل جي اگهن تي حد جي شڪل ۾ جنگ بند نه ڪرڻ جي وڌيڪ قيمت ادا ڪرڻي پوندي.












