ڪانگو ۾ ايبولا جا 80 سيڪڙو نوان ڪيس نامعلوم ذريعن کان منتقل، متاثر ماڻهن جو انگ 2 هزار ٿي ويو : ڊبليو ايڇ او

ڪنشاسا_15 جولاءِ (اي پي پي )صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) چيو آهي ته جهموريه ڪانگو جي اوڀر وارن علائقن ۾ ايبولا وائرس جا 80 سيڪڙو نوان ڪيس اهڙن ذريعن کان سامهون آيا آهن جن جي منتقلي جو سلسلو معلوم ناهي ٿي سگهيو جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته بيماري صحت جي اختيارين جي نگراني کان وڌيڪ تيزي سان پکڙجي رهي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق صحت جي عالمي …

ڪنشاسا_15 جولاءِ (اي پي پي )صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) چيو آهي ته جهموريه ڪانگو جي اوڀر وارن علائقن ۾ ايبولا وائرس جا 80 سيڪڙو نوان ڪيس اهڙن ذريعن کان سامهون آيا آهن جن جي منتقلي جو سلسلو معلوم ناهي ٿي سگهيو جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته بيماري صحت جي اختيارين جي نگراني کان وڌيڪ تيزي سان پکڙجي رهي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق صحت جي عالمي اداري ٻڌايو آهي ته ڪانگو ۾ مئي کان ايبولا جي هڪ ناياب قسم جي وبا پکڙجي وئي آهي ، جنهن جي لاءِ في الحال ڪو منظور ٿيل علاج يا ويڪسين دستياب ناهي. آفريقا سينٽرز فار ڊزيز ڪنٽرول اينڊ پروينشن مطابق اها بيماري هن کنڊ ۾ تيزي سان ڦهلجندڙ ايبولا جي بدترين وبا بڻجي چڪي آهي. سرڪاري انگن اکرن مطابق ڪانگو ۾ ايبولا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 2،011 ٿي ويو آهي ، جڏهن ته 754 ماڻهو بيماري سبب زندگي وڃائي چڪا آهن. ملڪ جي صحت جي قومي اداري پنهنجي تازي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته ڪجهه صوبن ۾ 54 نوان ڪيس سامهون آيا آهن.