سان فرانسسڪو-15 جولاءِ (اي پي پي) مصنوعي ذهانت جي ڪمپني (اوپن اي آءِ) جلد صارفين لاءِ اسڪرين کانسواءِ موبائل سمارٽ اسپيڪر متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪري رهي آهي، جنهن کي مصنوعي ذهانت جي دور لاءِ هڪ نئين قسم جو گهريلو ڪمپيوٽر قرار ڏنو پيو وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق بلوم برگ جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اها ڊوائيس اڃان تائين تياري جي مرحلي ۾ آهي ۽ ان کي گهر …
اوپن اي آءِ پاران اسڪرين بنا موبائل سمارٽ اسپيڪر متعارف ڪرائڻ جي تياري شروع: بلوم برگ
سان فرانسسڪو-15 جولاءِ (اي پي پي) مصنوعي ذهانت جي ڪمپني (اوپن اي آءِ) جلد صارفين لاءِ اسڪرين کانسواءِ موبائل سمارٽ اسپيڪر متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪري رهي آهي، جنهن کي مصنوعي ذهانت جي دور لاءِ هڪ نئين قسم جو گهريلو ڪمپيوٽر قرار ڏنو پيو وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق بلوم برگ جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اها ڊوائيس اڃان تائين تياري جي مرحلي ۾ آهي ۽ ان کي گهر ۾ موجود انسان نما (اي آءِ) سهڪار طور استعمال ڪري سگهبو. رپورٽ مطابق اهو سمارٽ اسپيڪر گهريلو سمارٽ اوزارن کي ڪنٽرول ڪرڻ، آڊيو ۽ ٻي ميڊيا هلائڻ، سوالن جا جواب ڏيڻ ، پيغامن جا جواب ڏيڻ ۽ چيٽ جي پي ٽي جي مختلف صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪرڻ جي سهولت فرام ڪندو.












