لاڙڪاڻو - 15 جولاءِ (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري نسيم پتافي قتل جي معاملي تي لاڳاپيل ايس ڊي پي او/اي ايس پي نئون ديرو، رتوديرو سيد حيدر علي شاهه سان رابطو ڪري قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن خلاف جاري ڪاررواين ۽ داخل ٿيل ڪيس بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. لاڳاپيل ايس ڊي پي او/اي ايس پي نئون ديرو، رتوديرو جي رپورٽ موجب متاثر ماڻهن …
ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران نسيم پتافي قتل جي معاملي تي نوٽيس، رپورٽ طلب
لاڙڪاڻو – 15 جولاءِ (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري نسيم پتافي قتل جي معاملي تي لاڳاپيل ايس ڊي پي او/اي ايس پي نئون ديرو، رتوديرو سيد حيدر علي شاهه سان رابطو ڪري قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن خلاف جاري ڪاررواين ۽ داخل ٿيل ڪيس بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. لاڳاپيل ايس ڊي پي او/اي ايس پي نئون ديرو، رتوديرو جي رپورٽ موجب متاثر ماڻهن ۽ جوابدارن جا ڳوٺ هڪٻئي جي تمام گهڻو ويجها آهن، واقعي جو مختلف رخن کان به جائزو ورتو پيو وڃي. ڄاڻايل واقعي دوران موٽر سائيڪل وغيره نه کسي وئي آهي ۽ واقعي جو ڪيس اڳ ئي نامزد جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، پوليس پاران جوابدارن خلاف ڪارروايون جاري آهن.












