بدين ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙن اميدوارن پاران آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج

بدين- 15 جولاءِ (اي پي پي) بدين ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙن اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج ڪندي آفر آرڊر ڏيڻ جو مُطالبو ڪيو آهي. ايڪشن ڪميٽي بدين جي سڏ تي بدين پريس ڪلب اڳيان سوين نوجوان مرد ۽ عورت اميدوارن مظاهرو ڪيو. احتجاج جي اڳواڻي عبدالجبار جکڙو، اعجاز علي ميمڻ، لاريب لاکو، مير ڀائي، سهيل احمد ڀرڳڙي، عظمت سومرو، ياسر گاڏاهي ۽ سرفراز احمد گاڏاهي …

بدين- 15 جولاءِ (اي پي پي) بدين ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙن اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج ڪندي آفر آرڊر ڏيڻ جو مُطالبو ڪيو آهي. ايڪشن ڪميٽي بدين جي سڏ تي بدين پريس ڪلب اڳيان سوين نوجوان مرد ۽ عورت اميدوارن مظاهرو ڪيو. احتجاج جي اڳواڻي عبدالجبار جکڙو، اعجاز علي ميمڻ، لاريب لاکو، مير ڀائي، سهيل احمد ڀرڳڙي، عظمت سومرو، ياسر گاڏاهي ۽ سرفراز احمد گاڏاهي ڪري رهيا هُئا. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اميدوارن چيو ته اسان سخت محنت ۽ قابليت سان آئي بي اي جهڙي ڏکي ٽيسٽ ۾ 50 کان 54 سيڪڙو مارڪون حاصل ڪيون آهن، پر هاڻي 55 مارڪن جو شرط رکي سوين اهل ۽ ميرٽ تي پورو لهندڙ نوجوانن کي ڀرتي واري عمل کان محروم ڪيو پيو وڃي، جيڪا اسان سان سراسر ناانصافي آهي. هنن سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه کان مطالبو ڪيو ته پاسنگ مارڪن جو سيڪڙو 55 مان گهٽائي 50 کان 54 ڪيو وڃي ته جيئن ميرٽ تي پورو لهندڙ اميدوارن کي سندن جائز حق ملي سگهي. هنن وڌيڪ مطالبو ڪيو ته خالي پيل استادن جي سيٽن تي شفاف طريقي سان ۽ ميرٽ جي بنياد تي فوري طور مقرري جا آرڊر جاري ڪيا وڃن، احتجاج ڪندڙ  اميدوارن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت سندن جائز مطالبن تي فوري سنجيدگي سان غور نه ڪيو ته احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌائي بلاول هائوس ڪراچي آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.