خيبر پختونخوا جي گورنر سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي ميمبر اخوبزاده چٽان جي ملاقات

اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي ميمبر اخوبزاده چٽان ملاقات ڪئي. اڱاري ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ خيبر پختونخوا ۾ پارٽي جي انتظام هيٺ ورڪرز يوٿ ڪنونشنز منعقد ڪرڻ جي سلسلي تي خيالن ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪامياب ورڪرز يوٿ ڪنونشنز منعقد ڪرڻ …

اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي ميمبر اخوبزاده چٽان ملاقات ڪئي. اڱاري ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ خيبر پختونخوا ۾ پارٽي جي انتظام هيٺ ورڪرز يوٿ ڪنونشنز منعقد ڪرڻ جي سلسلي تي خيالن ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪامياب ورڪرز يوٿ ڪنونشنز منعقد ڪرڻ ڪارڪنن جي محنت جو ثبوت آهي. ملاقات ۾ صوبي جي حالتن کي نظر ۾ رکندي پارٽي جي پارلياماني ۽ عوامي سطح تي ڪردار تي به خيالن ڏي وٺ ڪئي وئي.

مزید خبریں