انقره- 14 جولاءِ (اي پي پي) ترڪيه جي يورپي يونين ڏانهن روانگي واپار 2026ع جي شروعاتي 6 مهينن (جنوري کان جون) دوران 55 بلين ڊالر تائين پهچي ويو، جيڪو گذريل سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 4.7 سيڪڙو وڌيڪ آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ترڪ ايڪسپورٽرز اسيمبلي جي انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جرمني 10.1 بلين ڊالر جي روانگي واپار سان ترڪيه جي سڀ کان وڌي برآمدي منڊي …
ترڪيه جي يورپي يونين ڏانهن روانگي واپار ۾ اضافو، شروعاتي 6 مهينن جو ڳاڻيٽو 55 بلين ڊالر تائين پهچي ويو: رپورٽ

مزید خبریں
انقره- 14 جولاءِ (اي پي پي) ترڪيه جي يورپي يونين ڏانهن روانگي واپار 2026ع جي شروعاتي 6 مهينن (جنوري کان جون) دوران 55 بلين ڊالر تائين پهچي ويو، جيڪو گذريل سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 4.7 سيڪڙو وڌيڪ آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ترڪ ايڪسپورٽرز اسيمبلي جي انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جرمني 10.1 بلين ڊالر جي روانگي واپار سان ترڪيه جي سڀ کان وڌي برآمدي منڊي رهي، جڏهن ته اٽلي 6.8 بلين ڊالر ۽ اسپين 5.6 بلين ڊالر سان ترتيب وار ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي رهيا. انگن اکرن مطابق هلندڙ سال جي شروعاتي 6 مهينن ۾ ترڪيه جو مجموعي روانگي واپار 136 بلين ڊالر رهيو، جيڪو گذريل سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 3.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي.











