انڊونيشيا ۾ عالمي بليو اڪانومي فورم جمعي کان شروع ٿيندو

جڪارته- 14 جولاءِ (اي پي پي) انڊونيشيا ۾ 2 ڏينهن وارو عالمي بليو اڪانومي فورم جمعي کان شروع ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق انڊونيشيا جي اوڀر صوبي جاوا جي ضلعي بنيوانگي ۾ عالمي بليو اڪانومي فورم جمعي ۽ ڇنڇر تي ٿيندو، جنهن ۾ آسيان ملڪن جا ميمبر ۽ حصيدار ملڪ سامونڊي وسيلن تي ٻڌل پائيدار ترقي جي بهترين تجربن جي مٽا سٽا ڪندا. آسيان - آءِ ڊي بيلو فورم منعقد ڪرڻ …

جڪارته- 14 جولاءِ (اي پي پي) انڊونيشيا ۾ 2 ڏينهن وارو عالمي بليو اڪانومي فورم جمعي کان شروع ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق انڊونيشيا جي اوڀر صوبي جاوا جي ضلعي بنيوانگي ۾ عالمي بليو اڪانومي فورم جمعي ۽ ڇنڇر تي ٿيندو، جنهن ۾ آسيان ملڪن جا ميمبر ۽ حصيدار ملڪ سامونڊي وسيلن تي ٻڌل پائيدار ترقي جي بهترين تجربن جي مٽا سٽا ڪندا. آسيان – آءِ ڊي بيلو فورم منعقد ڪرڻ انڊونيشيا جي پرڏيهي وزارت، بحري معاملن ۽ ماهيگيري واري وزارت ۽ نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزارت ۽ واپار جي اشتراڪ سان ڪيو ويندو. انڊونيشيا جي پرڏيهي وزارت جي عهديدار اڌيانتي سرداناريني ويزاجودا ٻڌايو ته بنيوانگي جي چونڊ سامونڊي تحفظ، ماهيگيري، سياحت، ننڍي ڪاروبار ۽ مقامي آبادي کي بااختيار بنائڻ جي ڪامياب امتزاج سبب ڪيو ويو آهي.