پوليو ڪيس ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ ذميدار ويڪسينيٽر هُوندا، ناقص ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ويڪسينيٽرن کان وضاحت طلب ڪئي وڃي: ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي

بدين - 14 جولاءِ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي ضلعي ۾ پوليو ڪيس ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ ذميدار ويڪسينيٽرن کي قرار ڏيندي ناقص ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ويڪسينيٽرن کان وضاحت طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي جي صدارت ۾ حفاظتي ٽڪن جي پروگرام ( اِي پي آءِ) جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ضلعي ۽ تعلقي سطح تي …

بدين – 14 جولاءِ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي ضلعي ۾ پوليو ڪيس ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ ذميدار ويڪسينيٽرن کي قرار ڏيندي ناقص ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ويڪسينيٽرن کان وضاحت طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي جي صدارت ۾ حفاظتي ٽڪن جي پروگرام ( اِي پي آءِ) جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ضلعي ۽ تعلقي سطح تي ويڪسينيشن مهم جي ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ويڪسينيٽرن کي ساراهيو ويو، جڏهن ته ناقص ڪارڪردگي رکندڙ ويڪسينيٽرن کان وضاحت طلب ڪندي سندن ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته اجلاس جو بنيادي مقصد ويڪسينيٽرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ ۽ کين سندن ذميوارين جو احساس ڏيارڻ آهي. هن چيو ته حڪومت طرفان مقرر ڪيل ذميواريون ايمانداري، فرض شناسي ۽ وقت سر مڪمل ڪرڻ هر ويڪسينيٽر جو فرض آهي. جيڪڏهن ڪنهن به يونين ڪائونسل ۾ ويڪسينيشن نه ٿيڻ سبب ڪو ٻار روڪٿام لائق بيمارين ۾ مبتلا ٿئي ٿو ته ان جي ذميواري لاڳاپيل ويڪسينيٽر تي عائد ٿيندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضلعي ۾ ڪيترائي ويڪسينيٽر انتهائي بهتر نموني پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيا آهن، پر چند ملازمن جي غفلت سبب سڄي ضلعي جي ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي هن زور ڀريو ته هر ويڪسينيٽر کي مختلف ويڪسينن جي مقرر وقت، شيڊيول ۽ طريقه ڪار بابت مڪمل ڄاڻ هجڻ گهرجي ته جيئن ڪو به ٻار حفاظتي ٽيڪن کان محروم نه رهي ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي وڌيڪ چيو ته ٻارن جي ويڪسينيشن صرف سرڪاري ذميواري نه پر انسانيت جي خدمت ۽ حقوق العباد جو اهم حصو آهي. بهتر انسان اهو آهي، جنهن جي عمل مان ٻين کي فائدو پهچي. هن خبردار ڪيو ته ويڪسينيشن جي رڪارڊ ۾ فيڪ انٽري يا غلط انگ اکر داخل ڪرڻ سنگين ڏوهه آهي، اهڙي عمل جي نشاندهي ٿيڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل ويڪسينيٽر خلاف سخت قانوني ۽ کاتيوار ڪارروائي ڪئي ويندي گڏجاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر زاهد حسين سولنگي، اسسٽنٽ ڪمشنر بدين راجيش دلپت، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر سرفراز سمون، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر ممتاز چانڊيو، ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آئي بدين اي طاهر لاشاري، اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر ڪريم بخش گاڏاهي، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر وسيم عباس خواجه، ڊاڪٽر ثناءُالله، تعلقي ۽ ضلعي سطح جا ويڪسينيٽر انچارج ۽ ضلعي جا سمورا ويڪسينيٽر وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.