گهرو ۽ قانون واري وزير ضياءُالحسن لنجار پاران ڪراچي ۾ قطر جي قونصليٽ جو دورو

ڪراچي - 14 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گهرو ۽ قانون واري وزير ضياءُالحسن لنجار ڪراچي ۾ واقع قطر جي قونصليٽ جو دورو ڪيو، جتي هن قطر جي وقتي قونصل جنرل علي راشد المري سان خاص ملاقات ڪئي ۽ قطر جي اڳوڻي امير شيخ حمد بن خليفه الثاني جي لاڏاڻي تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي گهرو وزير سنڌ حڪومت پاران قطر، شاهي خاندان …

ڪراچي – 14 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گهرو ۽ قانون واري وزير ضياءُالحسن لنجار ڪراچي ۾ واقع قطر جي قونصليٽ جو دورو ڪيو، جتي هن قطر جي وقتي قونصل جنرل علي راشد المري سان خاص ملاقات ڪئي ۽ قطر جي اڳوڻي امير شيخ حمد بن خليفه الثاني جي لاڏاڻي تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي گهرو وزير سنڌ حڪومت پاران قطر، شاهي خاندان ۽ ۽ قطر جي برادر عوام سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته شيخ حمد بن خليفه الثاني هڪ مدبر، دورانديش ۽ باوقار اڳواڻ هو جنهن قطر جي ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته مرحوم جي قيادت ۽ عالم اسلام لاءِ سندس اعليٰ معيار جي خدمتن کي هميشه عزت ۽ احترام سان ياد رکيو ويندو. هن چيو ته شيخ حمد بن خليفه الثاني نه رڳو قطر کي جديد ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو پر عالمي سطح تي امن، تعاون ۽ مثبت سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ به نمايان ڪردار ادا ڪيو. سندس خدمتون ايندڙ نسلن لاءِ مشعلِ راهه رهنديون. سنڌ جي گهرو وزير چيو ته هن ڏک جي گهڙيءَ ۾ سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان جو عوام پنهنجن قطر جي ڀائرن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي ۽ هن ناقابلِ تلافي نقصان تي حڪومت قطر، شاهي خاندان ۽ قطر جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ٿا ڪيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم شيخ حمد بن خليفه الثاني کي پنهنجي جوارِ رحمت ۾ اعليٰ مقام، مغفرت ۽ جنت الفردوس ۾ بلند درجا عطا فرمائي، جڏهن ته سوڳوار خاندان، شاهي خاندان ۽ قطر جي برادر عوام کي هي عظيم صدمو صبر ۽ استقامت سان برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.