وطن جي دفاع ۾ حياتين جو نذرانو پيش ڪرڻ وارا شھيد ۽ غازي پوري قوم جو فخر آھن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي - 14 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ وطن جي دفاع ۾ حياتين جو نذرانو پيش ڪرڻ وارا شھيد ۽ غازي پوري قوم جو فخر آھن ۽ سندن قربانين کي معمولي قرار ڏيڻ نھايت ئي افسوس جوڳي ڳالهھ آھي. پنھنجي ھڪ بيان ۾ ھن چيو تھ پاڪستاني فوج دھشتگردي خلاف جنگ، سرحدن جي …

ڪراچي – 14 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ وطن جي دفاع ۾ حياتين جو نذرانو پيش ڪرڻ وارا شھيد ۽ غازي پوري قوم جو فخر آھن ۽ سندن قربانين کي معمولي قرار ڏيڻ نھايت ئي افسوس جوڳي ڳالهھ آھي. پنھنجي ھڪ بيان ۾ ھن چيو تھ پاڪستاني فوج دھشتگردي خلاف جنگ، سرحدن جي دفاع ۽ قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آھن، جنھن جو اعتراف ۽ احترام ھر پاڪستاني جي قومي ۽ اخلاقي ذميواري آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ شھيدن جي گھر ڀاتين جي قربانين کي نظر انداز ڪرڻ يا اُنھن تي غير ذميواراڻا تبصرا ڪرڻ ڪنھن بھ صورت ۾ قبولڻ جوڳو ناھي. ھن چيو تھ جمھوريت ۾ اختلاف راءِ جو حق سڀني کي حاصل آھي، پر شھيدن خلاف زھر اوڳاڇڻ قومي يڪجھتي ۽ اجتماعي مفاد جي خلاف آھي. سندس چوڻ ھو تھ سياسي اختلافن کي قومي سلامتي ۽ وطن جي دفاع سان لاڳاپيل اداران جي احترام کان الڳ رکڻ گھرجي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سياسي ۽ سماجي حلقا اھڙي ٻولي جي استعمال کان پاسو پاسو ڪن جيڪي قومي ادارن ۽ شھيدن جي پونئرن جي جذبن کي ڇيھو رسائن. ھن چيو تھ قوم پنھنجي شھيدن ۽ غازين جي قربانين کي سدائين عزت ۽ احترام جي نگاھھ سان ڏسندي آھي ۽ سندن خدمتن کي وساري نھ ٿو سگھجي