سعودي ولي عهد پاران قطر جي امير کي فون، والد جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو

رياض- 14 جولاءِ (اي پي پي) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان، قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني کي فون ڪري سندس والد اقطر جي ڳوڻي امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب قطري امير شيخ تميم بن حمد الثاني، سعودي ولي عهد جي سندس مخلص ڀائراڻن جذبن تي شڪريو ادا ڪيو. ان کانسواءِ پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان پاران پرڏيهي …

رياض- 14 جولاءِ (اي پي پي) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان، قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني کي فون ڪري سندس والد اقطر جي ڳوڻي امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب قطري امير شيخ تميم بن حمد الثاني، سعودي ولي عهد جي سندس مخلص ڀائراڻن جذبن تي شڪريو ادا ڪيو. ان کانسواءِ پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان پاران پرڏيهي معاملن جي وزارت ۾ پروٽوڪول معاملن جي انڊر سيڪريٽري عبدالمجيد السماري ۾ قطري سفير سان ملاقات ڪئي. هن قطر جي اڳوڻي امير جي وفات تي قطري حڪومت ۽ عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن سفارتخاني ۾ رکيل تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات به قلمبند ڪيا. واضح رهي ته شيخ حمد بن خليفه آل ثاني آچر جي صبح فوت ٿي ويو هو. سندس عمر 74 سال هئي. سندس وفات تي چار ڏينهن جي عوامي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ قومي جهنڊو اڌ جهڪيل رهندو.