افغانستان ۾ غذائي بحران سنگين، 90 سيڪڙو ٻار متاثر، يونيسف جي نئين رپورٽ جاري

اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) افغان طالبان رجيم جي ناقص پاليسين ۽ انتظامي نااهلي خاص طورتي ٻارن جو مستقبل داءُ تي لڳائي ڇڏيو. تفصيل مطابق گڏيل قومن جي اداري يونيسيف افغانستان ۾ غذائي بحران بابت هنگامي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. يونيسيف جي تازي رپورٽ مطابق افغانستان ۾ غذائي بحران بابت هنگامي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو. يونيسيف جي تازي رپورٽ مطابق افغانستان ۾ وسيع غذائي عدم تحفظ، ناقص …

اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) افغان طالبان رجيم جي ناقص پاليسين ۽ انتظامي نااهلي خاص طورتي ٻارن جو مستقبل داءُ تي لڳائي ڇڏيو. تفصيل مطابق گڏيل قومن جي اداري يونيسيف افغانستان ۾ غذائي بحران بابت هنگامي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. يونيسيف جي تازي رپورٽ مطابق افغانستان ۾ غذائي بحران بابت هنگامي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو. يونيسيف جي تازي رپورٽ مطابق افغانستان ۾ وسيع غذائي عدم تحفظ، ناقص صحت، پاڻي جي کوٽ سبب ٻار شديد غذائي بحران جو شڪار آهن. افغانستان ۾ ڪيل سروي ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته اٽڪل 37 لک افغان ٻار شديد غذائي عدم تحفط جو شڪار آهن. 90 سيڪڙو افغان ٻار روزانو جي خوراڪ ۾ صحتمند واڌ ويجهه لاءِ ضروري جزا حاصل نه ٿا ڪري سگهن، فوري علاج ۽ اضافي خوراڪ جي محتاج 85 سيڪڙو ٻارن جي عمر 2 سال کان به گهٽ آهن. شديد غذائي بحران افغان ڇوڪرن جي مقابلي ۾ ٻارڙين ۾ جسماني ڪمزوري جي شرح ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌي وئي آهي، غذا جي شديد کوٽ ٻارن جي فوتگين ۽ جسماني ڪمزوري جي خطرن کي 6 ڀيرا وڌائي ڇڏيو آهي. عالمي ماهرن مطابق افغان طالبان رجيم معاشي استحڪام ۽ انساني حياتيون بچائڻ بدران پنهنجي نظرياتي ايجنڊا ۽ هٿياربند گروپن جي پٺڀرائي کي ترجيح ڏئي رهي آهي. افغان طالبان رجيم جون انتهاپسند پاليسيون ۽ سنگين انتظامي نا اهلي معصوم افغان شهرين کي بک ۽ محرومي جي رحم تي ڇڏي ڏنو آهي، وڌندڙ بي روزگاري ۽ بک عام شرين کان جيئڻ جو حق به کسي ڇڏيو آهي.