بارسلونا- 14 جولاءِ (اي پي پي) اسپين ۽ يورپ جي ٻين حصن ۾ شديد گرمي سبب گهٽ قيمت ۽ توانائي بچائيندڙ ايئر ڪنڊيشنرز جي گهُرج ۾ نمايان اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسپين ۾ گهريلو اوزار وڪرو ڪندڙ دڪانن تي چيني ايئر ڪنڊيشنرز جي گهُرج وڌي رهي آهي. دڪاندارن جو چوڻ آهي ته صارفين هاڻي مخصوص چيني برانڊز جي باري ۾ معلومات حاصل ڪري رهيا آهن، انهن …
يورپ ۾ شديد گرمي جي لهر، اسپين ۾ چيني ايئر ڪنڊيشنرز جي گهُرج ۾ اضافو
بارسلونا- 14 جولاءِ (اي پي پي) اسپين ۽ يورپ جي ٻين حصن ۾ شديد گرمي سبب گهٽ قيمت ۽ توانائي بچائيندڙ ايئر ڪنڊيشنرز جي گهُرج ۾ نمايان اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسپين ۾ گهريلو اوزار وڪرو ڪندڙ دڪانن تي چيني ايئر ڪنڊيشنرز جي گهُرج وڌي رهي آهي. دڪاندارن جو چوڻ آهي ته صارفين هاڻي مخصوص چيني برانڊز جي باري ۾ معلومات حاصل ڪري رهيا آهن، انهن جي خريداري ۾ دلچسپي وڌي رهي آهي. بارسلونا ۾ اليڪٽرو نورما جي مئنيجر البرٽ مارٽينيز ٻڌايو ته چيني برانڊز جي موجودگي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ٻئي طرف سوئي ڪليمانامي اسٽور جي مالڪ محمد حسين جو چوڻ آهي ته خريدار معياري مناسب قيمت کي ترجيح ڏين ٿا، ان موجب چيني برانڊز مناسب قيمتن تي دستياب آهن. ان ڪري گهڻا صارفين گرمي کان بچاءَ لاءِ ان کي ترجيح ڏين ٿا. رپورٽ ۾ عالمي توانائي ايجنسي جي انگن اکرن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ويو ته يورپ ۾ عالمي اوسط جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي رفتار سان گرمي پد وڌي رهيو آهي، جڏهن ته يورپ رڳو 20 سيڪڙو گهرن ۾ ايئر ڪنڊيشننگ جي سهولت موجود آهي، جنهن سبب مستقبل ۾ ان شعبي ۾ وڌيڪ ترقي جا امڪان موجود آهن.











