ڪراچي- 13 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سومر ڏينهن محنت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته ڪلثوم بائي وليڪا اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي سان متاثر ٻارن واري معاملي ۾ سخت احتساب، بنا رڪاوٽ علاج ۽ ڊگهي مدي واري بحالي کي يقيني بڻايو وڃي. هن واضح ڪيو ته صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت ڪنهن به صورت ۾ …
ڪلثوم بائي وليڪا اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي سبب متاثر ٻارن واري معاملي ۾ سخت احتساب، بنا رڪاوٽ علاج ۽ ڊگهي مدي واري بحالي کي يقيني بڻايو وڃي: سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي- 13 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سومر ڏينهن محنت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته ڪلثوم بائي وليڪا اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي سان متاثر ٻارن واري معاملي ۾ سخت احتساب، بنا رڪاوٽ علاج ۽ ڊگهي مدي واري بحالي کي يقيني بڻايو وڃي. هن واضح ڪيو ته صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. وڏي وزير هائوس ۾ سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوشن (سيسي) جي انتظام هيٺ هلندڙ ڪلثوم بائي وليڪا اسپتال ۾ سامهون آيل ايڇ آءِ وي ڪيسن بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته هينئر تائين 78 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿي چڪي آهي، جڏهن ته مختلف جاچن کانپوءِ 37 آفيسرن ۽ طبي عملي خلاف کاتيوار ڪارروائيون پڻ شروع ڪيون ويون آهن. اجلاس ۾ صوبائي وزير سعيد غني، چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري ٽو چيف منسٽر آصف جميل، سيڪريٽري محنت ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري صحت طاهر سانگي، ڪمشنر سيسي ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هي معاملو پهريون ڀيرو 23 آڪٽوبر 2025ع تي سامهون آيو، جڏهن ايڇ آءِ وي جا 6 مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا. ان کانپوءِ محنت ۽ افرادي قوت کاتي جاچ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته سيسي پنهنجي ميڊيڪل ايڊوائيزر جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي قائم ڪئي. سعيد غني پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي اسپتال، خاص طور ٻارن واري شعبي ۽ ليبارٽري جو تفصيلي جائزو وٺي 6 نومبر 2025ع تي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ 16 ايڇ آءِ وي متاثر ٻارن جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ انتظامي، طريقيڪار ۽ انفيڪشن ڪنٽرول بابت سنگين خامين کي ظاهر ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جاچ دوران معياري آپريٽنگ طريقيڪار جي کوٽ، جراثيم کان پاڪ ڪرڻ واري عمل جي ڪمزور نگراني، بائيو ميڊيڪل فضلي جي غلط نيڪال، بايو هيزرڊ ڪنٽينرن جي کوٽ، اسٽاڪ مينيجمينٽ ۾ خاميون، هڪ ڀيرو استعمال ٿيندڙ طبي سامان جي گهٽتائي، ناقص رڪارڊ، ايڇ آءِ وي ٽيسٽنگ جون محدود سهولتون ۽ متاثر مريضن جي مناسب فالو اپ نه ٿيڻ جهڙا سنگين مسئلا سامهون آيا. اهو پڻ معلوم ٿيو ته سرنجز سميت هڪ ڀيرو استعمال ٿيندڙ طبي اوزار ممڪن طور ٻيهر استعمال ڪيا ويا، جڏهن ته طبي عملو انفيڪشن کان بچاءَ جي اصولن ۽ حفاظتي سامان جي استعمال تي مڪمل عمل نه ڪري رهيو هو. صوبائي وزير ٻڌايو ته جاچ کانپوءِ سيسي ڪيترائي اصلاحي قدم کنيا، جن ۾ ڪلثوم بائي وليڪا اسپتال ۾ اينٽي ريٽرو وائرل ٿراپي سينٽر جو قيام شامل آهي، جيڪو 15 نومبر 2025ع تي قائم ڪيو ويو ۽ 24 نومبر کان مڪمل طور فعال ٿي ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بعد ۾ سيسي جي سمورن طبي مرڪزن لاءِ ايڇ آءِ وي کان بچاءَ بابت معياري هدايتون جاري ڪيون ويون، جڏهن ته 300 کان وڌيڪ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جي اسڪريننگ دوران ٻن ملازمن ۾ ايڇ آءِ وي جي سڃاڻپ ٿي، جڏهن ته سندن گهرڀاتين جا سڀئي ٽيسٽ منفي آيا. بريفنگ موجب ڊسمبر 2025ع ۾ ڏهوڪي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ سميت 10 آفيسرن ۽ ملازمن خلاف کاتيوار ڪارروائي شروع ڪئي وئي، جڏهن ته ٻي جامع جاچ ڪميٽي 19 جون 2026ع تي پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن جي بنياد تي اڳوڻن ۽ موجوده منتظمين، ڊاڪٽرن، نرسن، ليبارٽري عملي ۽ معاون اسٽاف سميت 37 آفيسرن ۽ ملازمن کي معطل ڪري 3 جولاءِ 2026ع تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا. اجلاس کي اهو به ٻڌايو ويو ته سنڌ جي صوبائي محتسب پڻ پاڻمرادو نوٽيس وٺندي ڪيتريون ئي هدايتن جاري ڪيون، جن ۾ ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ جي بدلي، ايڇ آءِ وي متاثر ٻارن لاءِ الڳ آئسوليشن وارڊ، جامع جاچ، اسپتال جو ٿرڊ پارٽي آڊٽ ۽ متاثر ٻارن کي سرڪاري خرچ تي بهترين علاج فراهم ڪرڻ شامل آهي. وزير محنت وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته آغا خان يونيورسٽي اسپتال جي مشهور ماهرِ اطفال ۽ متعدي بيمارين جي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر فاطمه مير جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن، جيڪي متاثر ٻارن کي خصوصي طبي مشاورت ۽ علاج فراهم ڪري رهيون آهن، جڏهن ته متاثر خاندانن کي پڻ علاج جي مرڪزن سان ڳنڍيو پيو وڃي. وڏي وزير ٻڌايو ته ايڇ آءِ وي متاثر ٻارن ۽ سندن خاندانن جي علاج، ڀلائي، بحالي ۽ ڊگهي مدي واري سارسنڀال لاءِ ٻه ارب رپين جو اينڊومينٽ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي. مراد علي شاهه جاچ جي نتيجن تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته جتي به غفلت يا بدانتظامي ثابت ٿي، اتي مڪمل احتساب يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته ٻارن جون زندگيون انتهائي قيمتي آهن ۽ طبي ضابطن ۾ اهڙي ڪنهن به ڪوتاهي، جيڪا مريضن جي زندگي کي خطري ۾ وجهي، ناقابل قبول آهي ۽ قانون موجب ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.هن محنت کاتي، صحت کاتي ۽ سيسي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته سڀني متاثر ٻارن کي بنا رڪاوٽ مفت علاج، دوائون، تشخيصي سهولتون ۽ فالو اپ فراهم ڪيو وڃي. وڏي وزير سيسي جي سمورن اسپتالن ۽ طبي مرڪزن ۾ انفيڪشن ڪنٽرول جي نظام جو ٻيهر جائزو وٺڻ، جراثيم کان پاڪ ڪرڻ، طبي فضلي جي محفوظ نيڪال ۽ مريضن جي تحفظ بابت ضابطن تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته ذميوار آفيسرن خلاف کاتيوار ڪارروائي بنا دير مڪمل ڪئي وڃي، ٿرڊ پارٽي آڊٽ کي جلد حتمي شڪل ڏني وڃي، نگراني جو نظام وڌيڪ مؤثر بڻايو وڃي ۽ علاج، بحالي توڙي اداري سڌارن بابت باقاعده رپورٽون پيش ڪيون وڃن.اجلاس ان عزم سان پڄاڻي تي پهتو ته متاثر خاندانن کي جامع طبي، سماجي ۽ مالي سهائتا جاري رکي ويندي، جڏهن ته سيسي جي سمورن اسپتالن ۽ طبي مرڪزن ۾ صحت جي سهولتن، انفيڪشن کان بچاءَ ۽ مريضن جي تحفظ لاءِ ادارتي سڌارن تي مؤثر نموني عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو.










