وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي جو سنڌ جي وڏي وزير سان وزير اعليٰ هائوس ۾ هڪ تفصيلي اجلاس، قائد اعظم مزار مئنيجمينٽ بورڊ ۽ ڪراچي ۾ نيشنل لائبريري آف پاڪستان جي ريجنل آفيس سان لاڳاپيل معاملن جو جائزو ورتو ويو

ڪراچي- 13 جولاءِ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سومر ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان وزير اعليٰ هائوس ۾ هڪ تفصيلي اجلاس ڪيو جنهن ۾ قائد اعظم مزار مئنيجمينٽ بورڊ ۽ ڪراچي ۾ نيشنل لائبريري آف پاڪستان جي ريجنل آفيس سان لاڳاپيل معاملن جو جائزو ورتو ويو، جتي ٻنهي ڌرين قومي ورثي جي ادارن جي تحفظ ۽ پراڻن …

ڪراچي- 13 جولاءِ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سومر ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان وزير اعليٰ هائوس ۾ هڪ تفصيلي اجلاس ڪيو جنهن ۾ قائد اعظم مزار مئنيجمينٽ بورڊ ۽ ڪراچي ۾ نيشنل لائبريري آف پاڪستان جي ريجنل آفيس سان لاڳاپيل معاملن جو جائزو ورتو ويو، جتي ٻنهي ڌرين قومي ورثي جي ادارن جي تحفظ ۽ پراڻن انتظامي معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ رابطا مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.وزير اعليٰ هائوس جي ترجمان موجب اجلاس ۾ مزار قائد ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن جا انتظام، سار سنڀال ۽ سيڪيورٽي بابت معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو جن ۾ حددخليون، ڪچري ۽ اڏاواتي ملبي جو غير قانوني اڇلائڻ، نشي جي عادين ۽ شرپسندن جي موجودگي مان پيدا ٿيندڙ سيڪيورٽي خدشا ۽ قومي يادگار تائين عوامي پهچ کي بهتر بڻائڻ جون تجويزون شامل هيون. شرڪت ڪندڙن لياقت ميموريل لائبريري ڪمپليڪس جي اندر قائم نيشنل لائبريري آف پاڪستان جي ريجنل آفيس سان لاڳاپيل تڪرارن تي پڻ بحث ڪيو جنهن ۾ پاڻي جي فراهمي، جڳهه جو استعمال ۽ مستقبل جي توسيع جا منصوبا شامل آهن. ان موقعي تي وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو ته نيشنل هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن پاڪستان جي ثقافتي ادارن کي بچائڻ ۽ علم جي ذريعن تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته نيشنل لائبريري آف پاڪستان پنهنجين خدمتن کي وڌائڻ لاءِ اهم سڌارا ڪري رهي آهي. اسان سنڌ حڪومت جو سهڪار چاهيون ٿا ته جيئن انهن قدمن مان اسڪالرز، محققن ۽ سنڌ جي عوام کي فائدو پهچي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مزار قائد پاڪستان جي سڀ کان اهم قومي يادگارن مان هڪ آهي ۽ ان جي احاطي جي چوڌاري حددخلين، ماحولياتي خدشن ۽ سيڪيورٽي چئلينجز کي حل ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جي گڏيل ذميواري مزار قائد جي تقدس, وقار ۽ تاريخي اهميت کي برقرار رکڻ آهي، جڏهن ته اهو پڻ يقيني بڻائڻ آهي ته اسان جا قومي ثقافتي ادارا وڌندا رهن ۽ ايندڙ نسلن جي خدمت ڪن. اجلاس ۾ عملدارن قائد اعظم مزار مئنيجمينٽ بورڊ جي آئيني حيثيت ۽ ذميوارين بابت بريفنگ ڏني، جيڪو مزار ۽ ان جي آسپاس جي 131.718 ايڪڙن تي پکڙيل علائقي جي تحفظ، سار سنڀال، نگهداشت ۽ ترقي جي نگراني ڪري ٿو. جنهن کان پوءِ وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي کي هدايت ڪئي ته مزار جي آسپاس لائنز ايريا ۽ خداداد ڪالوني سان لڳندڙ علائقن مان حددخليون ختم ڪيون وڃن، يادگار جي چوڌاري رستن تي غير قانوني ڪچرو اڇلائڻ کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، سيڪيورٽي انتظامن کي وڌايو وڃي ۽ مزار جي نگهداشت ۽ سار سنڀال لاءِ مالي سهڪار فراهم ڪيو وڃي. اجلاس کي لياقت ميموريل لائبريري ڪمپليڪس جي اندر واقع نيشنل لائبريري آف پاڪستان جي ڪراچي ريجنل آفيس جي انتظامي ۽ آپريشنل معاملن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. عملدارن اجلاس کي بريفنگ ڏني ته نيشنل لائبريري پنهنجي علائقائي آفيس ۾ پاڻي جي فراهمي بند ٿيڻ جي شڪايت ڪئي هئي. وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته لائبريري جي پاڻي جي فراهمي جو مسئلو حل ڪيو وڃي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته تاريخي رڪارڊ مان معلوم ٿئي ٿو ته لياقت ميموريل لائبريري 1986ع ۾ سنڌ حڪومت حوالي ڪئي وئي هئي ۽ ان کي سنڌ جي صوبائي لائبريري قرار ڏنو ويو هو، جڏهن ته نيشنل لائبريري جي ريجنل آفيس وارو بيسمينٽ وارو حصو وفاقي حڪومت جي انتظامي ڪنٽرول هيٺ رهيو. اجلاس ۾ ريجنل ڪاپي رائيٽ ڊپازٽري جي قيام ۽ پنهنجي ڪراچي آفيس جي توسيع لاءِ ڪجهه جڳهن کي خالي ڪرڻ بابت نيشنل لائبريري پاران اٿاريل خدشن جو پڻ جائزو ورتو ويو. وفاقي اختيارين جو موقف هو ته لائبريري جي خدمتن کي مضبوط ڪرڻ ۽ هڪ جديد علائقائي علم جو مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ جڳهه جي ضرورت آهي، جڏهن ته صوبائي عملدارن لياقت ميموريل لائبريريءَ ۾ پڙهڻ جي سهولتن جي وڌندڙ گهرج کي نمايان ڪيو جتي روزانو هزارين شاگرد ۽ محقق اچن ٿا. وڏي وزير سيڪريٽري ثقافت کي معاملو حل ڪري کيس رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مزار قائد ۽ ملڪ جون عوامي لائبريريون قومي اثاثو آهن، جن جي حفاظت ۽ ترقي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان ٿيڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته قائد اعظم جو مقبرو اسان جي قومي سڃاڻپ ۽ ورثي جي علامت آهي. سنڌ حڪومت ان جي تحفظ، سار سنڀال، خوبصورتي ۽ سيڪيورٽي لاءِ مڪمل سهڪار فراهم ڪندي رهندي. هن وڌيڪ چيو ته نيشنل لائبريري ۽ لياقت ميموريل لائبريري سان لاڳاپيل سمورا معاملا مشاورت، قانوني دستاويزن ۽ ادارتي هم آهنگي جي ذريعي حل ڪيا وڃن. مراد علي شاهه چيو ته اسان جو مقصد ٽڪراءُ نه پر هڪ عملي ۽ ٻنهي ڌرين لاءِ قابل قبول حل آهي جيڪو شاگردن، محققن، وزيٽرس ۽ وسيع عوامي مفاد ۾ هجي. اسان ڪراچي ۾ تعليمي ۽ ثقافتي ادارن کي مضبوط ڪرڻ جي هر ڪوشش ۾ سهولت فراهم ڪنداسين. اجلاس ان اتفاق سان ختم ٿيو ته صوبائي ۽ وفاقي اختياريون قائد اعظم مزار مئنيجمينٽ بورڊ ۽ نيشنل لائبريري آف پاڪستان سان لاڳاپيل معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ ويجها رابطا برقرار رکنديون ۽ قانوني توڙي انتظامي گهرجن مطابق گڏيل طور تي طئي ٿيل حل تيار ڪندا. اجلاس ۾ وفاقي وزير سان گڏ ڊائريڪٽر جنرل نيشنل لائبريري آف پاڪستان، ريزيڊنٽ انجنيئر ۽ قائد اعظم مزار مئنيجمينٽ بورڊ جو سيڪريٽري عليم خان ۽ نيشنل هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن جا سينئر آفيسر جڏهن ته وڏي وزير سان سندس سيڪريٽري آصف جميل، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري ثقافت خير محمد ڪلوڙ ۽ ٻين صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي.