لاڙڪاڻوپوليس جون شهر سميت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون،21 ڏوهاري گرفتار

لاڙڪاڻو- 13 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻوپوليس شهر سميت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 21 ڏوهارين کي گرفتار ڪري هٿيار، منشيات، ڦر ۽ چوري ٿيل 3 موٽرسائيڪلون، لوڊر رڪشه ۽ غيرقانوني ڊيزل هٿ ڪري ورتي آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب لاڙڪاڻو پوليس شهر سميت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 21 ڏوهارين سرفراز چانڊيو، مشتاق ڪيهر، اويس جتوئي، ذيشان …

لاڙڪاڻو- 13 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻوپوليس شهر سميت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 21 ڏوهارين کي گرفتار ڪري هٿيار، منشيات، ڦر ۽ چوري ٿيل 3 موٽرسائيڪلون، لوڊر رڪشه ۽ غيرقانوني ڊيزل هٿ ڪري ورتي آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب لاڙڪاڻو پوليس شهر سميت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 21 ڏوهارين سرفراز چانڊيو، مشتاق ڪيهر، اويس جتوئي، ذيشان ڪلهوڙو، اربيلو، شڪيل، خادم، رضوان، ڪامران، مرتضيٰ، مصطفيٰ، ابوبڪر، عارف، خان، خالد، غلام حيدر جمالي، طالب شيخ، سرفراز، پريل ابرار، فاروق کي گرفتار ڪري هٿيار، منشيات، چوري ۽ ڦر ٿيل 03 موٽرسائيڪلون، لوڊر رڪشا ۽ ايراني ڊيزل هٿ ڪري ورتي آهي.