ڪراچي-13 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت جي اثرائتين پاليسين، ترقياتي رٿائن ۽ سيڙپڪار دوست قدمن جي ڪري صوبو معاشي ترقي ۽ سيڙپڪاري جو گيٽ وي بڻجندو پيو وڃي، صوبي ۾ جاري ۽ تجويز ڪيل ميگا منصوبا جديد انفرا اسٽرڪچر جو بنياد رکندا، جنهن جي نتيجي ۾ روزگار، صنعت، تجارت ۽ عوامي …
سنڌ حڪومت جي اثرائتين پاليسين، ترقياتي رٿائن ۽ سيڙپڪار دوست قدمن جي ڪري صوبو معاشي ترقي ۽ سيڙپڪاري جو گيٽ وي بڻجندو پيو وڃي: شرجيل ميمڻ

مزید خبریں
ڪراچي-13 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت جي اثرائتين پاليسين، ترقياتي رٿائن ۽ سيڙپڪار دوست قدمن جي ڪري صوبو معاشي ترقي ۽ سيڙپڪاري جو گيٽ وي بڻجندو پيو وڃي، صوبي ۾ جاري ۽ تجويز ڪيل ميگا منصوبا جديد انفرا اسٽرڪچر جو بنياد رکندا، جنهن جي نتيجي ۾ روزگار، صنعت، تجارت ۽ عوامي سھولتن جي ھڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي، سنڌ حڪومت جي مسلسل ڪوششن سان صوبو جديد، خوشحال ۽ سيڙپڪاري جو اھم مرڪز بڻجڻ ڏانھن تيزي سان گامزن آھي. پنھنجي ھڪ بيان ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ شفاف طرز حڪمراني، جديد پاليسين، ون ونڊو سھولت ۽ سيڙپڪارن کي سازگار ماحول جي فراھمي جي ڪري ملڪي ۽ غير ملڪي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آھي، ھن چيو تھ سنڌ حڪومت صوبي جي معيشت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، ايڪسپورٽ ۾ اضافي ۽ صنعتي سرگرمين کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رھي آھي، ايس ٿري سيوريج منصوبو، ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون، ايس باس ۽ جديد سمارٽ سرويلنس سسٽم جھڙا منصوبا سنڌ جي ترقي جي نئين تاريخ لکندا ۽ سيڙپڪاري کي ھٿي وٺرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت ڪراچي لاءِ 100 ارب رُپين کان وڌيڪ جامع ترقياتي پيڪيج تي بھ ڪم ڪري رھي آھي، جنھن تحت روڊن، پُلين، پاڻي جي فراھمي، سيوريج، برساتي پاڻي جي نيڪال ۽ ٻئي شھري انفرا اسٽرڪچر کي جديد بڻايو ويندو، سندس موجب، ھي منصوبا نھ رڳو ڪراچي پر سنڌ جي ٻين وڏن شھرن کي بھ جديد شھري سھولتون ڏيندا ۽ شھري زندگي جي معيار ۾ نمايان بھتري آڻيندا. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ تجويز ڪيل ميڊيڪل سٽي منصوبو سنڌ جي صحت جي شعبي ۾ ھڪ جديد مرڪز بڻائڻ ڏانھن اھم اڳڀرائي ثابت ٿيندو، ھن منصوبي ذريعي عالمي معيار جون طبي سھولتون. جديد طبي تحقيق ۽ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، جڏھن تھ نوان صنعتي زون ۽ سيڙپڪاري جي ڪلسٽرز جي قيام سان مقامي صنعت کي هٿي ملندي، نئين سيڙپڪاري ايندي ۽ اقتصادي سرگرمين ۾ جوڳو اضافو ٿيندو. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت عوامي ۽ نجي شراڪتداري تحت 109 ارب رُپين کان وڌيڪ جي ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪري رھي آھي، جيڪو صوبي جي ترقي، روزگار جي موقعن، سيڙپڪاري ۽ عوامي ڀلائي ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت واعدن بدران عملي ڪارڪردگي تي يقين رکي ٿي ۽ اھوئي ڪارڻ آھي جو سنڌ ترقي، سيڙپڪاري ۽ خوشحالي جي سفر تي گامزن آھي، ھن ان عزم جو اظھار ڪيو تھ ايندڙ سالن ۾ سنڌ صوبو نھ رڳو ملڪي معيشت ۾ وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪندو پر پاڪستان جي اقتصادي ترقي جو سڀني کان مضبوط مرڪز بڻجي اُڀرندو.











