مني پور - 13 جولاءِ(اي پي پي) مودي سرڪار جي هڪ طرفن ۽ ناڪام پاليسين مني پور رياست کي باهه ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي جنهن سان نسلي فسادن شدت اختيار ڪئي آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق ڀارتي رياست مني پور جي ضلعي امفال جي ڏکڻ واري علائقي ۾ ڪيترن گهرن کي باهه لڳائي وئي، نسلي فسادن دوران گهرن کي باهه لڳائڻ ۽ وڏي ڇڪتاڻ مني پور جي امن کي ٻيهر خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. واقعي جي فوري بعد علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ …
مني پور ۾ نسلي فسادن جي نئين لهر، مودي سرڪار حالتن تي ضابطو آڻڻ ۾ بري طرح ناڪام
مني پور – 13 جولاءِ(اي پي پي) مودي سرڪار جي هڪ طرفن ۽ ناڪام پاليسين مني پور رياست کي باهه ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي جنهن سان نسلي فسادن شدت اختيار ڪئي آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق ڀارتي رياست مني پور جي ضلعي امفال جي ڏکڻ واري علائقي ۾ ڪيترن گهرن کي باهه لڳائي وئي، نسلي فسادن دوران گهرن کي باهه لڳائڻ ۽ وڏي ڇڪتاڻ مني پور جي امن کي ٻيهر خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. واقعي جي فوري بعد علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي فورسز کي وڏي انگ ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. تازن فسادن جي واقعن مان ثابت ٿئي ٿو ته مودي سرڪار مني پور ۾ امن امان کي براقرار رکڻ ۾ بري طرح ناڪام ٿي چڪي آهي.












