بينڪاڪ -13جولاءِ (اي پي پي) ٿائيلينڊ جي گادي واري هنڌ بينڪاڪ ۾ سومر تي صبح جو شراب خاني ۾ خوفناڪ باهه لڳڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 27 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي سڙي زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ريسڪيو عملدارن چيو آهي ته باهه لڳڻ جو واقعو رات جو 12 وڳي شهر جي اترئين علائقي ۾ واقع نالادپراپب ۾ پيش آيو. سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيوز ۾ شراب خاني جي اندر …
بينڪاڪ جي شراب خاني ۾ خوفاناڪ باهه لڳڻ سبب 27 ڄڻا فوت
بينڪاڪ -13جولاءِ (اي پي پي) ٿائيلينڊ جي گادي واري هنڌ بينڪاڪ ۾ سومر تي صبح جو شراب خاني ۾ خوفناڪ باهه لڳڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 27 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي سڙي زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ريسڪيو عملدارن چيو آهي ته باهه لڳڻ جو واقعو رات جو 12 وڳي شهر جي اترئين علائقي ۾ واقع نالادپراپب ۾ پيش آيو. سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيوز ۾ شراب خاني جي اندر باهه جا شعلا ٻرندي نظر اچي رهيا آهن ۽ دروازي مان دونھون نڪرندي نظر اچي رهيو آهي. خوف جي حالت ۾ ماڻهن پنهنجي جان بچائڻ لاءِ عمارت مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا پر ڪجهه ئي لمحن ۾ سڄو هال دونھين سان ڀرجي ويو. ٿائيلينڊ جي وزيراعظم انوتن چارنويراڪول واقعي واري هنڌ جو دورو ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا کي ٻڌايو ته حادثي ۾ 27 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته زخمين کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته باهه جو سبب ڳولڻ لاءِ جاچ جاري آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته اتي پرفارم ڪندڙ هڪ موسيقار ٻڌايو ته هن اسٽيج جي ويجهو بجلي جي سرڪٽ بريڪر مان دونھون نڪرندي ڏٺو، جنهن کان پوءِ بجلي هلي وئي، پوءِ هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ ڪجهه ئي لمحن ۾ سڄو هال دونھين سان ڀرجي ويو. ٿائيلينڊ جي وزير اعظم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته حادثي ۾ 27 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته زخمين کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هيو ته باهه جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي. هن ٻڌايو ته مارجي ويلن ۾ ڪيترن جا لاش پب جي هيٺئين حصي ۾ موجود واش رومز مان مليا اتي باهه ۽ دونهين کان بچڻ لاءِ پناهه وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هيا. فائرفائيٽرز اڌ ڪلاڪ جي جدوجهد کانپوءِ باهه تي ڪنٽرول ڪري ورتو. واقعي جي سامهون آيل تصويرن ۾ پب جو اندروني حصو مڪمل طور تي سڙي ويو آهي جڏهن ته ميزون، ڪرسيون ۽ ٻيو سامان سڙي ويو آهي. ان کان اڳ 2022ع ۾ به ٿائيلينڊ جي اوڀر واري علائقي ۾ موجود ميوزيڪ پب ۾ باهه لڳڻ سبب 14 ڄڻا فوت جڏهن ته پهرين جنوري 2009ع ۾ بينڪاڪ جي سانتيڪا نائيٽ ڪلب ۾ نئين سال جي تقريب دوران لڳل باهه ۾ 66 ڄڻا فوت ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.












