منيلا -13 جولاءِ(اي پي پي) فلپائن ۾ سامونڊي طوفان باوي ۽ ڏکڻ اولهه مون سون جي اثر هيٺ شديد برساتن سبب فوتگين جو انگ وڌي 20 ٿي ويو آهي جڏهن ته 12 ڄڻا لاپتا ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب فلپائن جي سول ڊفينس آفيس ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته وڌيڪ فوتگيون لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻڏڻ سبب ٿيون آهن جڏهن ته شديد موسم سبب 562000 ماڻهو متاثر ٿيا آهن. سامونڊي …
فلپائن ۾ سامونڊي طوفان ۽ مون سون جي شديد برساتن سبب فوتگين جو انگ وڌي 20 ٿي ويو
منيلا -13 جولاءِ(اي پي پي) فلپائن ۾ سامونڊي طوفان باوي ۽ ڏکڻ اولهه مون سون جي اثر هيٺ شديد برساتن سبب فوتگين جو انگ وڌي 20 ٿي ويو آهي جڏهن ته 12 ڄڻا لاپتا ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب فلپائن جي سول ڊفينس آفيس ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته وڌيڪ فوتگيون لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻڏڻ سبب ٿيون آهن جڏهن ته شديد موسم سبب 562000 ماڻهو متاثر ٿيا آهن. سامونڊي طوفان باوي ڏکڻ اولهه مون سون جي شدت وڌائي ڇڏي آهي ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ شديد برساتون جاري رهڻ جو خطرو آهي جنهن سان ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو وڌي ويندو. متاثر علائقن ۾ سرچ ۽ ريسڪيو ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن ۽ امدادي ڪارروايون جاري آهن. فلپائن ڪوسٽ گارڊ موجب خراب موسم سبب سامونڊي رستن تي آمد و رفت به متاثر ٿي آهي ۽ ڪيترائي مسافر بندرگاهن ۾ ڦاسي پيا آهن.












