پنهنجي ڌرتي تان  ڪنهن جي خلاف حملن جي اجازت نه ڏينداسين: عراق

رياض-13 جولاءِ (اي پي پي) عراق چيو آهي ته هو پنهنجي سر زمين يا فضائي حدن کي مملڪت، نار تعاون ڪائونسل يا خطي جي ٻين ملڪن خلاف ڪنهن به ڪارروائي يا حملي لاءِ لانچنگ پيڊ طور استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان گذريل ڏينهن ملاقات …

رياض-13 جولاءِ (اي پي پي) عراق چيو آهي ته هو پنهنجي سر زمين يا فضائي حدن کي مملڪت، نار تعاون ڪائونسل يا خطي جي ٻين ملڪن خلاف ڪنهن به ڪارروائي يا حملي لاءِ لانچنگ پيڊ طور استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان گذريل ڏينهن ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ عراق جي لاڳاپن ۽ انهن کي مختلف شعبن ۾ مضبوط بنائڻ جي طريقن جو جائزو ورتو ويو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن خطي جي تازي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، بعد ۾ سعودي عرب ۽ عراق جي اختيارين هڪ اجلاس جي گڏيل صدارت ڪئي. اجلاس ۾ قومي خودمختياري جو احترام، سٺي پاڙيسري طور رهڻ، رياستن جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت، ڪنهن به ملڪ جي سر زمين کي ٻين خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت کان انڪار جي اهميت تي زور ڀريو ويو. عراق ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته هو پنهنجي سر زمين يا فضائي حدن کي سعودي عرب، جي سي سي ملڪن يا علائقي جي ٻين ملڪن کي نشانو بنائڻ يا حملن لاءِ لانچنگ پيڊ طور استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏيندو. اجلاس ۾ عراق جي سلامتي ۽ استحڪام جي حمايت، ان جي قومي ادارن کي مضبوط بڻائڻ، ٻه طرفي تعاون ۽ هم آهنگي کي جاري رکڻ جي اهميت تي به زور ڀريو ويو.