برسلز _ 13 جولاءِ(اي پي پي) يورپ جي اولهندي حصي ۾ جون جي آخر ۾ آيل رڪارڊ ٽوڙ گرمي جي لهر دوران 10 هزار کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ٿيون آهن جن ۾ اڪثريت 65 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي هئي . پرڏيهي ميڊيا مطابق بيمارين جي روڪٿام بابت يورپي مرڪز (اي سي ڊي سي) ۽ صحت جي عالمي اداري جي سهڪار سان قائم (يورو مومو) نيٽ ورڪ جي جاري ڪيل انگ اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي …
يورپ ۾ شديد گرمي جي لهر سبب 10 هزار کان وڌيڪ اضافي فوتگيون رڪارڊ
برسلز _ 13 جولاءِ(اي پي پي) يورپ جي اولهندي حصي ۾ جون جي آخر ۾ آيل رڪارڊ ٽوڙ گرمي جي لهر دوران 10 هزار کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ٿيون آهن جن ۾ اڪثريت 65 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي هئي . پرڏيهي ميڊيا مطابق بيمارين جي روڪٿام بابت يورپي مرڪز (اي سي ڊي سي) ۽ صحت جي عالمي اداري جي سهڪار سان قائم (يورو مومو) نيٽ ورڪ جي جاري ڪيل انگ اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 9 هزار کان وڌيڪ فوتگيون 65 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جون ٿيون آهن . ڊينمارڪ جي چيف فزيشن چيو آهي ته سال جي ان حصي ۾ ايتريون وڌيڪ فوتگيون سامهون اچڻ غير معمولي ۽ انتهائي ڳڻتي جوڳيون آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته جون جي آخر ۾ آيل اها شديد گرمي جي لهر انساني سرگرمين سبب پيدا ٿيندڙ موسمياتي تبديلي بنا ناممڪن هئي، ڇو ته موسمياتي تبديلي سبب هيٽ ويوز وڌيڪ ۽ هر ڀيري شدت سان اچي رهي آهي. اهاڳڻپ 27 يورپي ملڪن جي قومي فوتگين جي رڪارڊ تي ٻڌل آهي ۽ 22 کان 28 جون دوران ٿيل سمورين فوتگين جو احاطو ڪري ٿي. جڏهن فرانس، اسپين، برطانيه ۽ ٻين ملڪن ۾ گرمي جي لهر پنهنجي عروج تي هئي.












