والاريل بيت المقدس _13 جولاءِ (اي پي پي)والاريل بيت المقدس ۾ اسرائيل جي تعميرات بابت ضلعي ڪاميٽي هڪ اهڙي منصوبي جي منظوري ڏني آهي جيڪو فلسطيني علائقي اليسون جي مرڪز ۾ اٽڪل 450 رهائشي وسندين جي تعمير جو رستو کوليندو. فلسطين جي اطلات واري مرڪز مطابق انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ اسرائيلي تنظيم عير عميم انڪشاف ڪيو آهي ته ٽوپوڊيا نالي ڪمپني اهو منصوبو پهريون ڀيرو 2022ع ۾ پيش ڪيو هو پر اهو ٻه …
اسرائيل پاران والاريل بيت المقدس ۾ يهودين لاءِ 450 رهائشي وسندين جي تعمير جي منظوري
والاريل بيت المقدس _13 جولاءِ (اي پي پي)والاريل بيت المقدس ۾ اسرائيل جي تعميرات بابت ضلعي ڪاميٽي هڪ اهڙي منصوبي جي منظوري ڏني آهي جيڪو فلسطيني علائقي اليسون جي مرڪز ۾ اٽڪل 450 رهائشي وسندين جي تعمير جو رستو کوليندو. فلسطين جي اطلات واري مرڪز مطابق انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ اسرائيلي تنظيم عير عميم انڪشاف ڪيو آهي ته ٽوپوڊيا نالي ڪمپني اهو منصوبو پهريون ڀيرو 2022ع ۾ پيش ڪيو هو پر اهو ٻه سال کان وڌيڪ رڪاوٽن جو شڪار رهيو ڇو ته ضلعي ڪميٽي ان منصوبي جي حتمي منظوري کان اڳ ان منصوبي جي هنڌ تائين ويندڙ رستي کي وسيع ڪرڻ جو شرط لاڳو ڪيو هو. ڪمپني ان شرط کي پورو نه ڪيو ڇو ته ان کي عوامي رستن کي وسيع ڪرڻ جو منصوبو پيش ڪرڻ جو قانوني اختيار حاصل نه هو جيڪو ان جي ملڪيت ۾ نه پيو اچي. جاري بيان ۾ واضع ڪيو ويو آهي ته اها رڪاوٽ تڏهن ختم ٿي جڏهن والاريل بيت المقدس جي قابض بلديه به ان منصوبي ۾ شامل ٿي وئي . ان قدم سان رستي جي توسيع جي منصوبي کي مرڪزي منصوبي ۾ شامل ڪرڻ جو رستو کلي ويو ۽ ان جي رستي ۾ آيل آخري رڪاوٽ به ختم ٿي وئي. هن وقت في الحال اتي اٽڪل 800 رهائشي يونٽ موجود آهن جنهن ۾ اڪثر 2 يا ٽي عمارتون آهن. ان جي ابتڙ نئون منصوبو 10 منزل عمارتن ۾ وڌيڪ 450 رهائشي يونٽس جي اضافي جو آهي، جيڪو ان علائقي جي شهري ڪردار ۽ آبادياتي ساخت کي مڪمل طور تي تبديل ڪري ڇڏيندو.












