پشاور-12 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، قطر جي اڳوڻي امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، شاهي خاندان، قطر جي حڪومت ۽ قطر جي عوام سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته مرحوم شيخ حمد بن خليفه آل ثاني قطر جي ترقي …
خيبر پختونخوا جي گورنر پاران قطر جي اڳوڻي امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
پشاور-12 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، قطر جي اڳوڻي امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، شاهي خاندان، قطر جي حڪومت ۽ قطر جي عوام سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته مرحوم شيخ حمد بن خليفه آل ثاني قطر جي ترقي ۽ عالمي سطح تي اهم خدمتون انجام ڏنيون. هن چيو ته خيبر پختونخوا جي عوام ڏک جي هن گهڙي ۾ برادر قطري عوام سان گڏ بيٺل آهن.











