سنڌ جي گورنر سان ڪراچي ۾ مقرر ملائيشيا جي قونصل جنرل جي گورنر هائوس ۾ الوداعي ملاقات

ڪراچي-10 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان ڪراچي ۾ مقرر ملائيشيا جي قونصل جنرل هرمن هردياناتا احمد گورنر هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ،واپار، سيڙپڪاري ،تعليم ،سياحت ،ثقافت ۽ گڏيل سهڪار کي زور وٺائڻ سوڌو مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر سنڌ سيد محمد نهال هاشمي چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا …

ڪراچي-10 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان ڪراچي ۾ مقرر ملائيشيا جي قونصل جنرل هرمن هردياناتا احمد گورنر هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ،واپار، سيڙپڪاري ،تعليم ،سياحت ،ثقافت ۽ گڏيل سهڪار کي زور وٺائڻ سوڌو مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر سنڌ سيد محمد نهال هاشمي چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا برادر اسلامي ملڪ آهن جن جا لاڳاپا گڏيل احترام،اعتماد ۽ سهڪار تي ٻڌل آهن. گورنر سنڌ چيو ته ڪراچي سيڙپڪاري ،صعنت ،واپار،انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ بندرگاهي شعبن ۾ بي پناهه موقعا رکندڙ آهي، جڏهن ته تعليمي سهڪار ۽ شاگردن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ اقتصادي ،واپاري ۽ سيڙپڪاري جا رابطا مستقبل ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. ان موقعي تي قونصل جنرل هرمن هردياناتا احمد گورنر سنڌ جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان، خاص ڪري ڪراچي ۾ سندس ترسڻ هڪ يادگار تجربو رهيو ۽ هتان جي عوام جي محبت ،خلوص ۽ مهمانوازي کي هو هميشه ياد رکندو. ملاقات جي پڄاڻي تي گورنر سنڌ قونصل جنرل لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ،جڏهن ته ٻنهي شخصيتن وچ ۾ يادگاري شيلڊ جي مٽاسٽا به ڪئي وئي.