ڪراچي-10 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي ڀارت جي مبينا آبي دهشتگردي خلاف آچر 12 جولاءِ تي ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون وينديون. اها ڳالهه سنڌ جي سينيئر اڳواڻ سعيد غني پنهنجي بيان ۾ ڪئي. هن چيو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي آبي دهشتگردي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان جو واضح موقف آهي ته عالمي بئنڪ …
ڀارت جي مبينا آبي دهشتگردي خلاف 12 جولاءِ تي ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون وينديون: سعيد غني

مزید خبریں
ڪراچي-10 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي ڀارت جي مبينا آبي دهشتگردي خلاف آچر 12 جولاءِ تي ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون وينديون. اها ڳالهه سنڌ جي سينيئر اڳواڻ سعيد غني پنهنجي بيان ۾ ڪئي. هن چيو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي آبي دهشتگردي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان جو واضح موقف آهي ته عالمي بئنڪ جي ٽياڪڙي هيٺ ٿيل سنڌ طاس معاهدي جي آرٽيڪل 12 موجب ان معاهدي کي هڪ طرفي طور معطل ڪرڻ جي ڪا به گنجائش موجود ناهي.سعيد غني چيو ته خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ڀارت کي سنڌ طاس معاهدي تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻائڻ گهرجي. هن خبردار ڪيو ته ڀارت جي آبي دهشتگردي سبب خطي ۾ جنگ جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي.هن وڌيڪ چيو ته آچر 12 جولاءِ تي ڪراچي جي سڀني ضلعن ۾ ڀارت جي آبي دهشتگردي خلاف احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون، جن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي صوبائي ۽ ڪراچي ڊويزن جي قيادت، پارٽي عهديدار، چونڊيل نمائندا ۽ وڏي انگ ۾ شهرين جي شرڪت متوقع آهي.











