سنڌ حڪومت فلم ۽ تخليقي صنعت کي ھٿي ڏيڻ لاءِ عملي قدم کڻي رھي آھي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي-10 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت فلم ۽ تخليقي صنعت کي ھٿي ڏيڻ لاءِ عملي قدم کڻي رھي آھي، ھن چيو ته معياري فلمون ملڪ ۽ صوبي جي ثقافت، تاريخ، سياحت، سماجي قدرن کي دنيا آڏو اثرائتي انداز ۾ پيش ڪرڻ جو بھترين ذريعو آھن، ان لاءِ فلمي منصوبن ۾ اعليٰ معيار، جديد گھرجن ۽ عالمي معيار کي خاص طور تي نظر ۾ رکيو …

ڪراچي-10 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت فلم ۽ تخليقي صنعت کي ھٿي ڏيڻ لاءِ عملي قدم کڻي رھي آھي، ھن چيو ته معياري فلمون ملڪ ۽ صوبي جي ثقافت، تاريخ، سياحت، سماجي قدرن کي دنيا آڏو اثرائتي انداز ۾ پيش ڪرڻ جو بھترين ذريعو آھن، ان لاءِ فلمي منصوبن ۾ اعليٰ معيار، جديد گھرجن ۽ عالمي معيار کي خاص طور تي نظر ۾ رکيو پيو وڃي.اهڙو اظهار هن اطلاعات کاتي جي فلم اوور سائيٽ بورڊ جي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات کاتي تحت جاري فلمي منصوبن تي اڳڀرائي، اُنھن جي مڪمل ٿيڻ، مستقبل جي حڪمت عملي، فلمي صنعت کي ھٿي وٺرائڻ سميت مختلف معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران اطلاعات کاتي جي انتظام ھيٺ تيار ٿيندڙ فلمي منصوبن جي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جڏھن ته فلمن جي پروجيڪشن، ملڪي ۽ عالمي سطح تي ڊسٽريبيوشن، مختلف فلم فيسٽيولز ۾ شرڪت، نجي شعبي سان اشتراڪ، ڊجيٽل رليز ۽ جديد گھرجن سان ھم آھنگ تشھيري حڪمت عملي تي به خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي او ٽي ٽي پليٽ فارمز ۽ سوشل ميڊيا ذريعي سنڌ حڪومت جي فلمي منصوبن کي اثرائتي انداز ۾ متعارف ڪرائڻ جي مختلف پاسن تي به غور ڪيو ويو ته جيئن اُنھن منصوبن جي رسائي گھڻي کان گھڻو عوام تائين يقيني بڻائي سگھجي.اجلاس کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ھاڻوڪي دور ۾ جديد پليٽ فارم فلمن جي ڪاميابي ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيا آھن،اُن لاءِ او ٽي ٽي پليٽ فارمس ۽ سوشل ميڊيا کي اثرائتي انداز ۾ استعمال ڪندي سنڌ حڪومت جي فلمي منصوبن کي وسيع پيماني تي متعارف ڪرايو وڃي. ھن ان ڳالھ تي زور ڀريو ته فلم انڊسٽري کي ھٿي ڏيڻ سان نه رڳو نوجوان تخليق ڪارن، ھدايتڪارن، مصنفن ۽ فنڪارن کي نوان موقعا ملندا پر سنڌ جي ھاڪاري ۽ روشن تصوير به عالمي سطح تي اثرائتي انداز ۾ اجاگر ٿيندي.اجلاس ۾ سيڪريٽري اطلاعات ڪاشف گلزار شيخ، ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات، ڊائريڪٽر فلمز حزب اللہ ميمڻ، بورڊ جي ميمبرن زالي سرحدي، وقاص رضوي ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي.