ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٻن شاگرد تنظيمن وچ ۾ ٿيل جهيڙي جو سنڌ حڪومت نوٽيس ورتو، جاچ لاءِ پنج رڪني اعليٰ سطحي انڪوائري ڪميٽي قائم

ڪراچي-10 جولاءِ (اي پي پي) ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٻن شاگرد تنظيمن وچ ۾ پيش آيل جهيڙي جي واقعي تي سنڌ حڪومت فوري ايڪشن وٺندي جاچ لاءِ پنج رڪني اعليٰ سطحي انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ترجمان موجب صوبائي وزير يونيورسٽيز محمد اسماعيل راهو جي هدايت تي قائم ڪيل ڪميٽي ڪراچي يونيورسٽي ۾ گذريل ڏينهن شاگردن وچ ۾ ٿيل واقعي جي هر پهلوءَ کان شفاف، غيرجانبدار ۽ جامع جاچ ڪندي.  ترجمان ٻڌايو ته …

ڪراچي-10 جولاءِ (اي پي پي) ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٻن شاگرد تنظيمن وچ ۾ پيش آيل جهيڙي جي واقعي تي سنڌ حڪومت فوري ايڪشن وٺندي جاچ لاءِ پنج رڪني اعليٰ سطحي انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ترجمان موجب صوبائي وزير يونيورسٽيز محمد اسماعيل راهو جي هدايت تي قائم ڪيل ڪميٽي ڪراچي يونيورسٽي ۾ گذريل ڏينهن شاگردن وچ ۾ ٿيل واقعي جي هر پهلوءَ کان شفاف، غيرجانبدار ۽ جامع جاچ ڪندي.  ترجمان ٻڌايو ته ڪميٽي جو ڪنوينر شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر حسين مهدي هوندو، جڏهن ته ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ ڊاڪٽر غضنفر، ڊاڪٽر سرفراز ميتلو، پروفيسر ڊاڪٽر انتخاب الفت ۽ پروفيسر ڊاڪٽر نائمه سعيد شامل آهن. محمد اسماعيل راهو ڪميٽي کي هدايت ڏني آهي ته واقعي ۾ ملوث ذميوار ماڻهن ۽ گروهن جو تعين ڪيو وڃي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي غفلت جو به تفصيلي جائزو ورتو وڃي ۽ ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي لاءِ سفارشون پيش ڪيون وڃن. محمد اسماعيل راهو چيو ته سنڌ حڪومت يونيورسٽين ۾ پرامن، محفوظ ۽ سازگار تعليمي ماحول جي قيام لاءِ پرعزم آهي ۽ ڪنهن به قسم جي تشدد، بدامني يا قانون جي ڀڃڪڙي کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو. ترجمان موجب انڪوائري ڪميٽي 15 ڏينهن اندر پنهنجي رپورٽ سفارشن سميت پيش ڪندي، جڏهن ته ڪراچي يونيورسٽي ۽ سڀني لاڳاپيل ادارن کي ڪميٽي سان مڪمل تعاون ڪرڻ جي هدايت به جاري ڪئي وئي آهي.