بدين- 10 جولاءِ (اي پي پي) بدين ۾ چورين ۽ ڦُرن جي وارداتن ۾ اضافي کانپوءِ شهرين 17 جُولاءِ تي ريلي ۽ ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي. سومرا برادري جي مختلف سماجي ۽ فلاحي تنظيمن جي اڳواڻن بدين پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بدين ضلعي ۾ بدامني، منشيات، ڦرن، چورين ۽ هٿياربند ٽولن جي سرگرمين سبب عام ماڻهو، خاص طور تي مزدور، هاري، واپاري ۽ ڳوٺاڻا …
بدين ۾ چورين ۽ ڦُرن جي وارداتن ۾ اضافي کانپوءِ شهرين پاران 17 جُولاءِ تي ريلي ۽ ڌرڻي جو اعلان

مزید خبریں
بدين- 10 جولاءِ (اي پي پي) بدين ۾ چورين ۽ ڦُرن جي وارداتن ۾ اضافي کانپوءِ شهرين 17 جُولاءِ تي ريلي ۽ ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي. سومرا برادري جي مختلف سماجي ۽ فلاحي تنظيمن جي اڳواڻن بدين پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بدين ضلعي ۾ بدامني، منشيات، ڦرن، چورين ۽ هٿياربند ٽولن جي سرگرمين سبب عام ماڻهو، خاص طور تي مزدور، هاري، واپاري ۽ ڳوٺاڻا سخت خوف ۽ بيچيني واري زندگي گذاري رهيا آهن، هنن چيو ته ضلعي جي مختلف علائقن، خاص طور تي شهر کان پري ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ گاڏين، جانورن، گهرن جي سامان ۽ ٻين قيمتي شين جون چوريون روز جو معمول بڻجي ويون آهن، جڏهن ته هٿياربند ڦورو غريب ماڻهن کان رستي ويندي موٽرسائيڪل، اٽو، راشن، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦري رهيا آهن. اڳواڻن چيو ته ڪيترن ئي واقعن بابت قانوني طريقي سان بدين پوليس کي آگاهه ڪيو ويو، ايف آءِ آرون داخل ڪرايون ويون، ايس ايس پي سان وفد جي صورت ۾ ملاقاتون به ڪيون ويون ۽ ڊي ايس پي جي نگراني ۾ جاچ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي، پر افسوس جو اڄ تائين ڪنهن به جوابدار خلاف اثرائتي ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي، ھنن وڌيڪ چيو ته بدين جو هر شهري ۽ هر برادري پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهي آهي، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خاموشي سبب ڏوهارين جا حوصلا وڌيڪ بلند ٿي رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته چورن، ڦورن، منشيات فروشن ۽ انهن جي سرپرستن خلاف بنا ڪنهن فرق جي سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ضلعي ۾ امن امان بحال ڪيو وڃي. ان موقعي تي هُنن بدين ۾ وڌندڙ بدامني، منشيات، ڦرن ۽ چورين خلاف 17 جولاءِ جمعي جي ڏينهن الله والا چوڪ کان ايس ايس پي آفيس بدين تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪندي سڀني شهرين، سماجي تنظيمن، واپارين، هارين، مزدورن، نوجوانن ۽ هر مڪتبِ فڪر سان لاڳاپو رکندڙ ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي حقن، امن ۽ انصاف لاءِ احتجاج ۾ شرڪت ڪن.











