ڄامشورو-10 جولاءِ (اي پي پي) شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ هيريٽيجز، ڄامشورو ۽ ميرن جي مِني فاريسٽ، کٿڙ ۾ قائم فطرت تي ٻڌل اداري سوليس پاڪستان وچ ۾ ٽن سالن جي مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحيون ڪيون آهن، جنهن جو مقصد علمي، تخليقي ۽ تحقيقي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ آهي.ايم او يو تي سيبس يونيورسٽي پاران وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو، جڏهن …
شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ميرن جي مِني فاريسٽ جي اداري سوليس پاڪستان وچ ۾ ٽن سالن جي (ايم او يو) تي صحيحيون
ڄامشورو-10 جولاءِ (اي پي پي) شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ هيريٽيجز، ڄامشورو ۽ ميرن جي مِني فاريسٽ، کٿڙ ۾ قائم فطرت تي ٻڌل اداري سوليس پاڪستان وچ ۾ ٽن سالن جي مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحيون ڪيون آهن، جنهن جو مقصد علمي، تخليقي ۽ تحقيقي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ آهي.ايم او يو تي سيبس يونيورسٽي پاران وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو، جڏهن ته سوليس پاڪستان پاران چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر وقاص پرويز شيخ صحيحيون ڪيون. تقريب ۾ فائن آرٽس شعبي جو استاد فضل الاهي خان ۽ سوليس پاڪستان جو ڪيمپ ڪيوريٽر نديم پرويز شيخ پڻ موجود هئا.معاهدي تحت فائن آرٽس شعبي جي شاگردن ۽ استادن کي سوليس پاڪستان جي ڇهن ايڪڙن تي پکڙيل ٽراپيڪل فاريسٽ ۾ آرٽسٽ ريزيڊنسي، آئوٽ ڊور آرٽ ورڪشاپس، فطرت کان متاثر تخليقي منصوبن ۽ بين الشعبن واري تحقيق جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. ان سان گڏ ايڪو آرٽ، مٽيءَ سان تخليقي اظهار، هاپا زومي، قدرتي ڪڙهائي ۽ ٻين ماحول دوست فني سرگرمين جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو.معاهدي تحت ماحولياتي آگاهي، تخليقي صلاحيتن ۽ سماجي رابطن جي واڌاري لاءِ تعليمي ڪيمپن، ثقافتي پروگرامن، عوامي آرٽ نمائشين، مهمان ليڪچرن ۽ گڏيل تحقيقي منصوبن جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو، جڏهن ته سيبس يونيورسٽي علمي رهنمائي فراهم ڪندي ۽ سوليس پاڪستان جڳهه، سهولتون ۽ لاجسٽڪ سهڪار مهيا ڪندو.









