رياض-10 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان جده جي السلام پيليس ۾ ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ بابت خدشن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسلام پيليس ۾ سعودي ولي عهد ۽ ڪينيڊين وزيراعظم گڏيل دلچسپي وارن معاملن جي مختلف شعبن ۽ …
سعودي عرب جي ولي عهد سان ڪينيڊا جي وزيراعظم جي ملاقات، گڏيل لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جو جائزو ورتو ويو
رياض-10 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان جده جي السلام پيليس ۾ ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ بابت خدشن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسلام پيليس ۾ سعودي ولي عهد ۽ ڪينيڊين وزيراعظم گڏيل دلچسپي وارن معاملن جي مختلف شعبن ۽ انهن جي ترقي جي موقعن جو جائزو ورتو ويو. ٻنهي اڳواڻن تازو علائقائي ۽ عالمي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي به ڳالهيون ڪيون. سعودي ولي عهد ۽ ڪينيڊين وزيراعظم جي موجودگي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترن ئي ٻه طرفن معاهدن تي صحيحيون ڪيون ويون. توانائي جي شعبي ۾ مفاهمتي معاهدي تي سعودي عرب جي توانائي واري وزير شهزاده عبدالعزيز بن سلمان ۽ ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتاآنند صحيحيون ڪيون. سعودي عرب، ڪينيڊين ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جي قيام لاءِ مفاهمتي معاهدي تي سعودي ۽ ڪينيڊين پرڏيهي وزير جڏهن ته اي آءِ ۽ اسڪلز ڊولپمينٽ ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان مفاهمتي معاهدي تي سدايا جي صدر ڊاڪٽر عبدالله الغامدي ۽ ڪينيڊين پرڏيهي وزير صحيحيون ڪيون. ان موقعي تي سعودي توانائي وارو وزير شهزاده عبدالعزيز بن سلمان، مڪي شريف جو نائب گورنر شهزاده سعود بن مشعل، نيشنل گارڊ جو وزير شهزاده عبدالله بن بندر، دفاع وارو وزير شهزاده خالد بن سلمان، پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان، مملڪت وارو وزير، ڪابينه جو ميمبر ۽ قومي سلامتي جو صلاحڪار ڊاڪٽرمساعد بن محمد العيان، ناڻي وارو وزير محمد الجدعان ۽ ڪينيڊا ۾ سعودي سفير آمان بنت يحيٰ المعلمي به موجود هئي.










