گڏيل قومن پاران ڪانگو ۾ ايبولا جي پکيڙ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ عالمي ڪوششون تيز ڪرڻ جو مطالبو

نيويارڪ-10 جولاءِ (اي پي پي ) گڏيل قومن جي امدادي معاملن جي سربراهه ٽام فليچر چيو آهي ته عالمي برادري کي جمهوريه ڪانگو ( ڊي آر سي) ۾ ايبولا وائرس جي پکيڙ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻيون پونديون. پرڏيهي ميڊيا گڏيل قومن جي نيوز سينٽر جي حوالي سان ٻڌايو ته ٽام فليچر خبردار ڪيو آهي ته جيتوڻيڪ ايتوري صوبو هن سال به وبا جو مرڪز  آهي …

نيويارڪ-10 جولاءِ (اي پي پي ) گڏيل قومن جي امدادي معاملن جي سربراهه ٽام فليچر چيو آهي ته عالمي برادري کي جمهوريه ڪانگو ( ڊي آر سي) ۾ ايبولا وائرس جي پکيڙ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻيون پونديون. پرڏيهي ميڊيا گڏيل قومن جي نيوز سينٽر جي حوالي سان ٻڌايو ته ٽام فليچر خبردار ڪيو آهي ته جيتوڻيڪ ايتوري صوبو هن سال به وبا جو مرڪز  آهي جڏهن ته تڪرارن ۽ لڏ پلاڻ سبب وائرس ٻين صوبن تائين پکڙجي رهيو آهي. رپورٽ موجب 15 مئي تي ايبولا جي پکيڙ جي اعلان کان پوءِ وائرس سان ڊي آر سي ۾ 1700 کان به وڌيڪ ماڻهو متاثر ۽ 600 فوت ٿي چڪا آهن. پاڙيسري ملڪ يوگنڊا ۾ به 20 ڪيسن جي تصديق ٿي آهي . وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن مئي ۾ 60 ملين ڊالرن تائين جا هنگامي فنڊز جاري ڪيا، جڏهن ته صحت جي عالمي اداري ڊي آر سي ۾ گڏيل قومن جي امن مشن جي سهڪار سان وائرس جي متاثر علائقن ۾ طبي سامان فراهم ڪرڻ ۽ آئسوليشن علاج جا مرڪز قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏني، ٽام فليچر انساني امدادي پروگرامن جي حمايت ۽ وبا کي منهن ڏيڻ جي تيارين ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ تي زور ڀريندي چيو ته ايبولا خلاف بهتر دفاع لاءِ نگراني، ليبارٽري ٽيسٽنگ، مريضن جي وقت سر منتقلي، انفيڪشن کان بچاءَ ۽ ڪنٽرول ۽ مقامي آبادي جي شموليت انتهائي اهم انفيڪشن کان بچاءُ ۽ ڪنٽرول ۽ مقامي آبادي جي شموليت انتهائي اهم آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته ايبولا تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مقامي قيادت ۾ ڪميونٽي تي ٻڌل ۽ مردن ۽ عورتن ٻنهي جي ضرورتن موجب حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي. ٽام فليچر خبردار ڪيو ته ڪنهن به دير جي قيمت ايبولا سبب وڌيڪ فوتگيون ۽ ان وباءِ جا وسيع تر انساني اثرن جي صورت ۾ ڀوڳڻو پوندو.